سُهيل آفريدي جو سنڌ جو دورو

تحرير: مجاهد بوزدار

پاڪستان جي سياست هن وقت هڪ انتهائي نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي هڪ پاسي احتجاج ڌرڻن جي سياست جو زور ڏسڻ ۾ اچي ٿو جڏهن ته ٻي پاسي انتظامي برداشت، سياسي حڪمتِ عملي ۽ عوامي اميدن وچ ۾ ڇڪتاڻ نمايان نظر اچي ٿي اهڙي سياسي پسمنظر ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وزيراعليٰ خيبر پختونخواهه سُهيل آفريدِي جو ڪراچي،حيدرآباد ۽ ڄامشورو جو تازو دورو هڪ اهم سياسي واقعي طور سامهون آيو آهي سنڌ حڪومت هن دوري دوران جيڪو رويو اختيار ڪيو اهو سياسي برداشت جو جو واضح ثبوت آهي. ان سان گڏ اين او سي ۾ شامل شرط به مڪمل طور واضح هئي ته ادارن خلاف ڪنهن به قسم جي تقرير يا اشتعال انگيز بيان جي اجازت نه هوندي هي شرط بظاهر سخت پر سياسي ۽ آئيني حوالي سان انتهائي سنجيده هئي جنهن احتجاج ۽ انتشار جي وچ ۾ واضح حد مقرر ڪري ڇڏي اهو پڻ هڪ اهم مشاهدو رهيو ته اهو ئي سوشل ميڊيا جيڪو عام طور پيپلز پارٽي ۽ موجوده حڪومت تي سخت تنقيد ڪندو رهيو آهي انهن ڏينهن ۾ سنڌ حڪومت جي انتظامي ۽ سياسي حڪمتِ عملي کي ساراهيندو نظر آيو هتان هڪ بنيادي سياسي حقيقت سامهون اچي ٿي ته جڏهن احتجاج کي نظم،ضبط ۽ آئيني دائري اندر رکيو وڃي ٿو ته عوامي ردعمل به وڌيڪ ذميواراڻو ۽ متوازن هوندو آهي

 ساڳئي وقت اهو فرق به نمايان ٿيو ته جتي پنجاب ۾ احتجاجي سرگرمين کي روڪڻ سبب سياسي بيانيو وڌيڪ اُڀري آيو اتي سنڌ حڪومت کليل رستا ڏئي دعوائن ۽ عملي حقيقتن جو تقابلو سڌو عوام آڏو رکي ڇڏيو جيڪو سياسي طور وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتو ثابت ٿيو پيپلز پارٽي خاص طور تي آصف علي زرداري هن سموري صورتحال ۾ اهڙي خاموش پر گهري سياسي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي جيڪا رڳو احتجاجي سياست جي شور کان گهڻو اڳتي نظر اچي ٿي عوامي گڏجاڻين کي تحمل،نظم ۽ آئيني حدن اندر رکڻ اهو واضح پيغام ڏنو ته موجوده سياسي ماحول ۾ نعريبازي بدران منظم ۽ سنجيده سياسي حڪمتِ عملي وڌيڪ اثر رکي ٿي هي صورتحال تحريڪِ انصاف جي احتجاجي بيانيي لاءِ به هڪ بنيادي سوال پيدا ڪري ٿي ڇا احتجاج رڳو نعريبازي تائين محدود رهي سگهي ٿو يا ان کي عوامي ڀلائي روزگار معاشي استحڪام ۽ گورننس جهڙن حقيقي مسئلن سان ڳنڍڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي؟

تحريڪِ انصاف ماضي ۾ احتجاج ڌرڻن کي پنهنجي سياسي سڃاڻپ جو حصو بڻايو آهي پر سُهيل آفريدِي جي سنڌ دوري کين هڪ نئين سياسي چيلينج سان روبرو ڪيو آهي عوامي گڏجاڻيون يقينن ممڪن آهن پر هاڻي اهي صرف دعوائن بدران واضح پاليسين ۽ عوامي مفاد تي ٻڌل بحث جو تقاضو ڪن ٿيون ان دوران حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ مبينا اختلافن بابت هلندڙ افواهن به ڪجهه وقت لاءِ سياسي فضا کي گرم رکيو پر ٻنهي ڌرين جي هم آهنگي ۽ گڏيل موقف انهن دعوائن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو اهڙي صورتحال ۾ تحريڪِ انصاف جو احتجاجي بيانيو خاص طور تي ان وقت اثر وڃائيندي نظر اچي ٿو جڏهن عوامي سطح تي ڪا وڏي ۽ منظم اسٽريٽ پاور نظر نٿي اچي سُهيل آفريدِي جي سنڌ دوري سان ملڪ جي سياسي فريم ورڪ ۾ هڪ نئين ترتيب نظر اچي ٿي پيپلز پارٽي هن موقعي کي استعمال ڪندي احتجاجي سياست کي نظم برداشت ۽ حڪمتِ عملي سان پيش ڪيو جيڪو سياسي لحاظ کان وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.