مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون

نورسنڌي

آئون جڏهن 7 ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هيو، ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائيل ڪلامن جي ڌُم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس۔ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون۔ ريڊيو جي دور کانپوءِ چينجر فونن جو دور شروع ٿيو، ان کان اڳ چاٻي تي هلندڙ گرام فونا هوندا هئا۔ چينجر سيلن تي به هلندو هو ته بيٽري تي به ان زماني ۾ منهنجي سؤٽ حاجي خالد ملاح جنهن جو ملدسي ڳوٺ ۾ هوٽل هو، جتي بيٽري تي وڄندڙ چينجر گرام فونو ۽ ايمپلي فائر آندو، مون ٻڪر کپائي شهدادپور مان رونا ليليٰ جي آواز ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڳايل ڪلامن وارو فوني وارا وڏا رڪارڊ وٺي آيس، جنهن جي ٻنهي پاسي شايد 10 ڪلام ڀريل هوندا هئا ۽ روزانو شام جو هوٽل جي دخل تي ويهي اهو رڪارڊ هلائيندو هئس، ان وقت ايترو شعور نه هو، منهنجو به ٻاراڻو ذهن هو، ان جي باوجود مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳائيل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو۔

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو۔ مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو، جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس۔ مخدوم طالب الموليٰ جي ان امر ۽ دلڪش شاعري کي رونا ليليٰ جي چپن وڌيڪ امر بڻائي ڇڏيو۔ انهيءَ دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪتاب ياد رفتگان ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون پڙهڻ لاءِ ملي ويو، اهي پڙهڻ کانپوءِ ان وقت منهنجي ڪچي ذهن تي مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري ۽ لکڻين ايترو ته اثر ڪيو جو وٽن حاضري ڪرڻ لاءِ دل ۾ چاهت پيدا ٿي ۽ ان جو اظهار والد صاحب سان ڪيم، ان کانپوءِ حصرت مخدوم سرور نوح رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ يعني سهائو سومار هو ۽ بابا، چاچا ۽ آئون گڏجي گهوڙن تي هالا پهتاسين۔ حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڏئي قل پڙهي دعا گهري، مخدوم هائوس تي پهتاسين، جتي به ميلو متل هو۔ مخدوم طالب الموليٰ جن جي زيارت ۽ حاضري لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو انگ آيل هو، جن ۾ هزارين عورتون، ٻار ۽ پيرسن به شامل هئا ۽ مون اتي پهريون دفعو ڏهر ڳائيندي ٻڌو۔ ڊگهي انتظار کانپوءِ وڏي ڌڪ ڌڪان کانپوءِ ماڻهن جي وڏي پيڙ ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي پري کان زيارت ٿي، ٻه منٽ به نه گذريا ته اسان سميت اتي موجود ماڻهن کي هاڻ ٻاهر اچڻ جو چيو ويو ته جيئن ٻيا ماڻهو حاضري لاءِ اچي سگهن۔ پهريون دفعو زيارت وقت جڏهن مون مخدوم طالب الموليٰ کي ڏٺو منجهن وڏي ڏياءَ ۽ چهري ۾ نور نظر آيو، اتان کان اٺاس بنگلي تي قبله مخدوم امين فهيم، خانگاه ۾ مخدوم خليق الزمان جن وٽ به حاضري ڪري واپس ڳوٺ آياسين.

انهن ڏينهن ۾ هڪ دوست کان ٽه ماهي مهران رسالو ۽ ماهوار نئين زندگي مليو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري به هئي، ان کانپوءِ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري پڙهڻ لاءِ اهي ٻئي رسالا گهرائڻ شروع ڪيم۔ 8 ڪلاس ۾ هئڻ دوران 78ع ۾ صحافت ۾ پير پاتم، هڪ نئين خواهش ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ جن جو انٽرويو ڪريان، پر مخدوم هائوس تي سائين جن جي حاضري وارن نوڪرن ۽ ٻين ملازمن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي۔ تقريبن 1980ع ۾ آفتاب اخبار ۾ خبرون ڏيڻ لاءِ پهتس ته خبر پئي ته اڄ رات هالا پراڻا ۾ سوز هالائي جي شاعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت آهي، مهورت مخدوم طالب الموليٰ جن ڪرڻ فرمائيندا۔ اسان جو پيارو محسن سائين لائق سنڌي به تياريون ڪري رهيو هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جو ٻڌي مون سائين لائق سنڌي کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو مون کي به وٺي هلي۔ شام جو نصير مرزا، حسن مجتبيٰ، نثار حسيني ۽ ٻيا دوست هالا پراڻا پهتاسين، رات جو مخدوم طالب الموليٰ جن به تقريب ۾ پهتا ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تائين ويٺا رهيا۔ پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ موقعو ملندي، اسٽيج تي پهتس جتي عرفان مهدي مخدوم طالب الموليٰ جن سان منهنجو تعارف ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ مختلف شخصيتن کان آٽو گراف وٺڻ جو جنون هو، هر وقت آٽوگراف کيسي ۾ هوندو هو ۽ مون آٽوگراف ڪڍي کين ڏنو، پاڻ مختصر طور دعا وارا لفظ لکيائون۔

ان کانپوءِ 1982ع ڌاري سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان سان جڏهن نيازمندي ٿي ۽ مون سروري تنظيم جي سرگرميئن کي فل ڪوريج ڏني ـ ان دور ۾ الڪيٽران ميديا جو تصور به ڪونه ھو صرف پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان هيا جيڪي ٻيئي ادارا سرڪاري هيا پر انھن جي وڏي اھميت ھوندي ھئي ـ ساڳيئي وقت سنڌي اخبارون به ٿوريون هونديون هيون. ان دور ۾ مون سروري تنظيم جي سرگرمين کي تمام گھڻي ڪوريج ڏني اھڙي ڪوريج ڏسندي مخدوم طالب المولي جن سعيد سائين جن کان معلوم ڪيو ھي نورسنڌي ڪير آھي جيڪو سروري تنظيم کي ھيڏي ڪوريج ڏي ٿو ـ سعيد سائين کين ٻڌايو ته نورسنڌي وڏن کان وٺي پنھجو مريد آھي ۽ شھدادپور تعلقي جي ڳوٺ ملدسي جو آھي ـ ان کانپوءِ مخدوم سعيد الزمان عاطف سائين جي معرفت مخدوم طالب الموليٰ سائين جن وٽ سهڻي نموني حاضري ٿي۔ مخدوم طالب الموليٰ جن سان حاضري ڪرڻ تي پاڻ فرمايائون سروري تنظيم کي تمام گھڻي ڪوريج ڏيئڻ تي مونکي جس ڏيندي چيو ته سعيد سائين اوهان جي تعريف ڪندو آهي، اوهان جون سروري تنظيم بابت آرٽيڪل ۽ خبرون پڙهيون آهن۔ ان موقعي تي پاڻ مون کي هالا ۾ اچي صحافت ڪرڻ جو چيو ۽ سندس حڪم تي لبيڪ چئي هالا مان صحافت شروع ڪئي۔

مون مخدوم طالب المولي سائين کي ويجھڙ کان ڏٺو پاڻ انتھائي حساس طبيت هيا ايترا ته حساس هئا جو ڪنهن جو به ڏک صحيح نه سگهندا هئا۔ ٻين جو ڏک ڏسي سندن دل ڀرجي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته ان ڏک ۾ سندن نيڻن مان بوندون وسڻ لڳنديون هيون ۽ سندن طبيعت ناساز ٿي ويندي هئي۔ 88ع ۾ شهرن ۾ لساني فسادن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ڪلورن، هاڃن ۾ سنڌي عورتن سان ٿيندڙ لڱ ڪانڊاريندڙ زيادتين جو شڪار اهي بدنصيب عورتون جڏهن جيجي زرينه بلوچ، پروفيسر سعيده ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخدوم طالب الموليٰ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پهتيون ۽ انهن عورتن ساڻن ٿيل وحشياڻين زيادتين جو روئندي ذڪر ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ جن به پنهنجا نيڻ روڪي نه سگهيا ۽ پاڻ روئي ڏنو ۽ سندن طبيعت خراب ٿي پئي۔ طبيعت خراب هئڻ جي باوجود پاڻ ان وقت جي وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري سنڌي نياڻين سان حوا جي ڌيئرن سان ٿيل هيڏي هاڃي جو لڱ ڪانڊاريندڙ احوال روبرو ٻڌائڻ لاءِ اسلام آباد پهتا، ان کانپوءِ ئي دهشتگردي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ اهڙي آپريشن جي ڏوهه ۾ چونڊيل پ پ حڪومت کي هٽايو ويو۔مخدوم طالب الموليٰ جن کي سڃاڻپ جي اهڙي اک جو هڪ دفعو سٺي انداز ۾ ملاقات ڪندڙ کي وري ڪڏهن به ڏسندا هئا ته سندن نالو وٺي خيريت معلوم ڪندا هئا۔ سندن طبيعت اڪثر ناساز رهندي هئي، کين شگر، هاءِ بلڊ پريشر، گردن جي تڪليف دل جي تڪليف هئي، پاڻ زندگي جا آخري سال ڊائيلسز تي هئا۔ ڊاڪٽرن پاران بار بار آرام ڪرڻ جي مشورن جي باوجود آرام ڪرڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏني، ان حوالي سان پنهنجي شاعري ۾ هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدوم دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو۔

عين ان شعر وانگر پاڻ طبيعت جي ناسازي جي باوجود بنگلي تي ويهي مريدن توڙي عام ماڻهن سان ملندا هئا، ماڻهن جي ڪم ڪارين لاءِ خط ڏيندا هئا، ضروري سمجههندا هئا ته فون به ڪندا هئا۔ جڏهن ته ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي رهندا هئا۔ پاڻ هڪ نرالي ۽ ٻاجهه ڀري شخصيت جا مالڪ هئا۔ هڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جا مالڪ هئا۔ پاڻ بين الاقوامي سطح جو شاعر، بهترين ليکڪ، مفڪر، سماج سڌارڪ، ادب، فن ثقافت صحافت جي سرپرستي ڪندڙ، غريب ماڻهن کي سندن اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندڙ ۽ سندن مالي مدد ڪندڙ هئا۔ سخاوت ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جو نالو سج وانگر رهيو، پر سخاوت اهڙي انداز ۾ جو اها خبر هڪ کين ٻي وٺڻ واري کي خبر، سندن ڪوشش ۽ مالي مدد سان ڪيترن ئي غريبن جو اولاد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتو۔ ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ هئا۔ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ سندن هڪ سياسي اڳواڻ توڙي اديب، شاعر جي حيثيت سان وڏو ڪردار رهيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ پڻ سندن ڪردار نمايان رهيو۔پاڻ سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ڏنا، شاعري جي هر صنف تي کين عبور حاصل هو۔ پاڻ ملڪ جا مشھور شاعر ليکڪ مفڪر عالم سگھڙ روحاني شخصيت سماج سڌارڪ غريبن جا ھڏ ڏوکي هيا ـ غريبن سان پيار ڪندا ھيا فقيراڻي رنگ ۾ رڱيل ھيا ـ پاڻ ادب فن ثقافت صحافت لوڪ ادڀ جي سدايئين سرپرستي ڪيئي ـ غريب اديبن شاعرن سگھڙن فنڪارن سازيندڙن ملھ پھلوانن جي مدد ڪندا هيا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.