ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ هن وقت تائين 13 هزار کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جن مان مختلف شعبن ۾ 9,193 منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. صحت، تعليم، زراعت، روڊن، آبپاشي ۽ سماجي منصوبن تي 367 ارب رپين جي غير ملڪي امداد ۽ 76 ارب رپين جي وفاقي پي ايس ڊي پي تحت ڪم جاري آهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ترقياتي ويزن جو مقصد رڳو منصوبن شروع ڪرڻ ناهي، پر انهن جي وقت سر تڪميل ۽ معيار جي سخت پابندي کي يقيني بڻائڻ آهي. لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته نوان منصوبا صرف تڏهن شروع ڪيا وڃن، جڏهن موجوده منصوبا مڪمل ٿي وڃن،هن چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن جي تيز رفتار تڪميل ۽ معيار جي پابندي ترقياتي ويزن جو لازمي حصو آهي. هن چيو ته شهر ۾ هر ترقياتي منصوبي جو بنيادي مقصد شهرين جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي نيبرهوڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ (KNIP) تحت روڊن، پارڪن، نيڪال، سيوريج ۽ اسٽريٽ لائيٽنگ جي اپ گريڊيشن جا ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن. منصوبي تحت مڪمل ٿيل منصوبن سان شهرين جي زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعليٰ جي هدايتن موجب ماسٽر پلان تي سختي سان عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، جيئن غير منصوبابند ڪمن کي روڪي سگهجي.هن چيو ته سنڌ ميونسپل سروسز ڊليوري پروگرام تحت جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي، ڪچري جي صفائي ۽ ويسٽ واٽر مينيجمينٽ ۾ به بهتري آندي وئي آهي.