ملڪ ترقي پيو ڪري،تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان وارا ٽانگا پارٽيون آهن:عطا تارڙ

لاهور(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جا ماڻهو صرف “ٽانگي جون سواريون” آهن ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.عطاالله تارڙ ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ جامعه  اشرفيه جو دورو ڪيو، عطا الله تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دنيا جا مالي ادارا پاڪستان جي معيشت جي تعريف ڪري رهيا آهن،پاڪستان جي معيشت محفوظ هٿن ۾ آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته دسمبر مهيني ۾ اوورسيز پاڪستانين 3.6 ارب ڊالر ترسيلون موڪليون، جيڪي:گذريل سال جي مقابلي ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهن،محسن نقوي چيو ته قانون لاڳو ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي،ضرورت پوڻ تي مڪمل عملدرآمد ڪرايو ويندو ڳالهين جو ڪم جيڪي آهن، اهي ئي ڪنداهن زور ڏنو ته احتجاج ڪندڙن سان منهن ڏيڻ جو تجربو موجود آهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي،هن چيو ته عالم محفوظ آهن رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارن لاءِ قرآن پاڪ ۾ واضح هدايت موجود آهي،اهڙا قدم کڻندڙن خلاف ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي،وفاقي گهرو وزير سوال ڪيو ته خيبر پختونخواجو وڏو وزير پنهنجي آفيسرن جي حفاظت لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيوآهي؟هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ امن و امان جا مسئلا اڳ ۾ به مؤثر طريقي سان سنڀاليا ويا آهن مستقبل ۾ به ساڳئي اصول تحت انهن کي منهن ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.