ايران ۾ احتجاج، اسرائيلي اثر، ڇا پاڪستان رجيم چينج روڪڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيو؟

رياستي خزانو خالي ٿيڻ جي خدشي سبب تهران وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ کان لاچار، وينزويلا ۾ چيني سرمايو بچائڻ جي ڊوڙ، آمريڪي ڪمپنين سان شراڪت جي ڪوشش

ڪراچي (وصي بابا) چين آخرڪار وينزويلا ۾ ٿيل شديد مالي ۽ اسٽرٽيجڪ نقصان جي صدمي مان نڪرندو نظر اچي رهيو آهي ۽ هاڻي پاڻ چيني حلقن ۾ اهو اعتراف سامهون اچي رهيو آهي ته وينزويلا جي معاملي ۾ سنگين اسٽرٽيجڪ غلطي ٿي، جتي ڏهه کان ويهه ارب ڊالرن جي وڏي رقم ايڊوانس طور لڳائي وئي هئي، جنهن جي بدلي ۾ تيل جي فراهمي ٿيڻي هئي،
ر موجوده آمريڪي ڪارروائي ۽ اندروني بحران کان پوءِ سڀ کان پهرين ترجيح انهيءَ تيل جي سپلاءِ بحال ڪرڻ کي ڏني پئي وڃي ته جيئن نقصان کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي، جڏهن ته چيني قيادت هاڻي اهو به سوچي رهي آهي ته پنهنجي باقي سيڙپڪاري کي بچائڻ لاءِ اولهه ۽ آمريڪي ڪمپنين کي شريڪ ڪيو وڃي، جيڪو ان ڳالهه جو کليل اعتراف آهي ته سڀ انڊا هڪ ئي ٽوڪري ۾ رکڻ مهانگو پئجي ويو.
وينزويلا جي معاملي ۾ جڏهن آمريڪا ميدان ۾ لٿو ته پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽرٽيجڪ ڊائلاگ جي گڏيل پڌرائي ۾ چين پاڪستان جي ڪيترن ئي حساس موقفن کي، خاص طور افغانستان ۾ موجود هٿياربند گروهن، پاڙيسري ملڪن کي پيش خطرن، انهن گروهن کي حاصل حڪومتي سهڪار ۽ انهن خلاف واضح ۽ اثرائتي ڪارروائي جي ضرورت کي لفظ به لفظ تسليم ڪيو.
ٻئي پاسي وينزويلا بابت عالمي ميڊيا ۾ اهي سوال گردش ڪري رهيا آهن ته روسي صدر پيوٽن آمريڪي ڪارروائي کي ڇو هضم ڪري ويو ۽ عرب ملڪ ڇو هن معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن، جڏهن ته ايران ۾ پکڙجندڙ احتجاج جو بنيادي ڪارڻ به معيشت آهي، ڇو ته وينزويلا ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ايراني معيشت کي سهارو ڏئي رهيو هو ۽ هاڻي هن ڪارروائي جا اثر ايران کي ڊگهي عرصي تائين شدت سان محسوس ٿيندا، جتي حڪومت ۽ عوام وڌيڪ سبسڊي جي بار کڻڻ جي سگهه نٿا رکن، رليف ڏيڻ حڪومت لاءِ تقريبن ناممڪن ٿي چڪو آهي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ رياستي خزانو خالي ٿيڻ جو خدشو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ايران لاءِ پابندين جو خاتمو هڪ شديد مجبوري بڻجي چڪو آهي.
وينزويلا خلاف آمريڪي ڪارروائي کي مونرو ڊاڪٽرائن تحت ڏٺو پيو وڃي، جنهن موجب ويسٽرن هيمسفئر ۾ آمريڪا پنهنجي بالادستي کي ڪنهن به صورت چئلينج ٿيڻ نٿو ڏئي ۽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کي پنهنجي ذات سان ڳنڍي نئين انداز ۾ پيش ڪيو، هن قدم مان اهو مطلب به ڪڍيو پيو وڃي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي اثر ۾ کلي ريت طاقت استعمال ڪري سگهي ٿو ته ٻيون وڏيون طاقتون به پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ائين ڪرڻ جا رستا ڳولينديون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي خطا عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهن ٿا ۽ نوان علائقائي اتحاد اڀري رهيا آهن، جن ۾ ابراهيم اڪارڊ جا حامي ملڪ توانائي ۽ واپاري رستن تي ڪنٽرول جا خواهشمند آهن، ساڳئي پس منظر ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي سهڪار به ڪجهه قوتن کان برداشت نه پيو ٿئي.
وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن ايران ۾ رجيم چينج ٿي ته اتي اسرائيلي اثر رسوخ قائم ٿيندو، جنهن سبب پاڪستان کي ناپسنديدگي باوجود کلي طرح ردعمل ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ڇو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل کي پنهنجي سرحدي علائقن جي ويجهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، انهيءَ ڪري غير تصديقي اطلاعن ۾ ايران جي اندر پاڪستان سميت مختلف عالمي انٽيليجنس نيٽ ورڪن وچ ۾ شديد تڪرار جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب ايران ۾ رجيم چينج ٿيڻ نٿا چاهين، جيڪڏهن اها خبر درست آهي ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان به ايران ۾ رجيم چينج کي پنهنجي ملڪ لاءِ ٺيڪ نٿو سمجهي، هتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ايراني رجيم بچائڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا کي ناراض ڪري سگهي ٿو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.