اچو ته هڪ پل لاءِ تصور ڪريون ته اسان ڪنهن اهڙي علائقي ۾ رهون ٿا، جتي سالن کان مينھن جي پاڻي جي نيڪال جي مسئلي جو ڪو جٽاءُدار نبيرو نه ٿو ٿئي۔ هڪ صبح اخبار ۾ خبر پڙهون ٿا ته ان علائقي لاءِ ڪو وڏو ترقياتي منصوبو منظور ٿي ويو آهي۔ علائقي واسي خوش ٿين ٿا ٻيلي ھاڻ ان مسئلي مان جان آجي ٿيندي ۔ برسات جو پاڻي گهٽين ۾ نه بيهندو، رستا نه ٽٽندا ۽ زندگي سولي ٿي پوندي۔ پر، جيئن جيئن وقت گذري ٿو، عوام جي ذهنن ۾ سوال اڀرن ٿا ته اصل ۾ ڪم ڪڏھن ۽ ڪٿان شروع ٿيندو؟ ان تي پئسو ڪيترو لڳندو ۽ منصوبو مڪمل ڪڏھن ٿيندو؟ انهن سڀني سوالن جا جواب حقيقت ۾ هڪ ئي دستاويز جي پنن ۾ لڪيل يا لکيل هوندا آهن، جنهن کي اسين ’پي سي ون‘ (Planning Commission Profarma-I) چئون ٿا۔ هي رڳو هڪ سرڪاري ڪاغذ ناهي، پر پاڪستان ۾ هر ترقياتي منصوبي جي لکيل هڪ مڪمل آکاڻي آهي، جيڪا ڪاغذن کان حقيقت ڏانهن بھتر يا ماٺو پنڌ ڪري ٿي۔
هن ڪهاڻي جو پهريون باب تڏهن شروع ٿئي ٿو، جنهن وقت ڪو خيال هڪ خاڪي جي صورت وٺي ٿو۔
پي سي ون منصوبي جو بنيادي ۽ تفيصيلي خاڪو ھوندو آهي۔ اهڙو نقشو جيڪو صرف اهو نٿو ٻڌائي ته ڇا تعمير ٿيڻو آهي، پر اهو به طئي ڪري ٿو ته ڇو، ڪيئن، ڪيتري پئسي ۾ ٺھندو، ۽ ڪهڙا نتيجا حاصل ٿيندا۔ هي دستاويز منصوبي جو پهريون قدم آهي، پهريون امتحان پڻ۔ ڪو رستو هجي يا اسپتال، واهه جي مرمت هجي يا نيڪال جو نظام؛ اسڪول جي عمارت ھجي يا پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيم، جيستائين ان منصوبي جي پي سي ون منظور نٿي ٿئي، تيسين هڪ رپيو به خرچ نٿو ڪري سگهجي۔
پاڪستان جو ترقياتي نظام وري هڪ خاص ۽ لڳاتار وهڪري سان وھي ٿو جتي ضلعي، صوبائي ۽ وفاقي سطح تي الڳ الڳ ترقياتي بجيٽون رکيون وينديون آھن۔ جيڪڏهن منصوبو صوبائي آهي ته ان جو پهريون پڙاءُ ’پي ڊي ڊبليو پي‘ آهي، (صوبي جي پروينشل ڊيويلپمنٽ ورڪنگ پارٽي ) ۽ وفاق ۾ سينٽرل ڊيويلپمنٽ ورڪنگ پارٽي سي ڊي ڊبليو پي منصوبن جو جائزو وٺن ٿيون۔ هي فورمَ ڏسن ٿا ته منصوبو واقعي ضرورت موجب آهي يا نه، ٽيڪنيڪي ۽ مالي لحاظ کان درست آهي يا نه، ۽ ان جو عوامي فائدو ڪيترو ۽ ڪھڙي ھنڌ ٿيندو۔ جيڪڏهن منصوبو مالي لحاظ کان وڏو آھي ته ان کي کانپوءِ ۾ ايڪنيڪ ( ايگزيڪيو ڪميٽي آف نيشنل ايڪونومڪ ڪونسل ) جي منظوري جي ضرورت هوندي آهي۔هتي هڪ نهايت اهم ٽيڪنيڪي نقطو سمجههڻ جهڙو آهي ته جيڪڏهن ڪو به منصوبو عالمي ادارن يا ٻاهرين ملڪن جي مالي مدد سان شروع ٿيڻو آھي، ته پوءِ رقم چاهي ڪيتري به گهٽ ڇو نه هجي، ان لاءِ ايڪنڪ جي منظوري لازمي هوندي آهي۔ اهي سمورا ادارا پنهنجا فيصلا رڳو پي سي ون جي مضبوطيءَ کي ڏسي ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪاغذي بنياد ڪمزور هوندو ته منصوبي جو ڍانچو ڪڏهن به پختو نه ٿي سگھندو۔
سمجھڻ جي ضرورت آھي ته پي سي ون ۾ صرف بجيٽ يا انگ اکر نه هجڻ گهرجن، پر ان ۾ اهي سڀ اھم پاسا شامل هجڻ گهرجن جيڪي ڪنهن سرڪاري ڪم کي ”ترقي“ ۾ تبديل ڪن ٿا؛ يعني منصوبي جي منطق، هدف، فائدا، خطرا، ماحولياتي تجزيو، سماجي اثر ۽ نتيجن جي ماپ جو طريقو۔ حقيقت ۾، هي هڪ اهڙو گھاڙيٽو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته هڪ مسئلي ڪيئن سڃاتو ويو ۽ ان جي نبيري سان ماڻهن جي زندگي ڪيئن بدلبي۔ پر اسان جي سرڪاري کاتن ۾ اڪثر پي سي ون کي رڳو هڪ دستاويزي گھرج سمجههيو ويندو آهي۔ آفيسرن جي وڏي محنت بجيٽ جي جدولن ۽ ڪٿ تائين محدود رهجي وڃي ٿي، پر جڏهن مقصدن ۽ سماجي اثرن جي لکڻ جو وارو اچي ٿو ته گھٽ سوچ ۽ ويچار سبب روايتي جملا لکي جان آجي ڪئي وڃي ٿي۔ ائين ناهي ته انهن آفيسرن وٽ سمجهه ناهي، پر نظام جو سمورو زور رڳو ”منظوري“ تي آهي، گهري سوچ تي ناهي۔ جڏهن هي آفيسر گڏجاڻين ۾ پنهنجا منصوبا پيش ڪن ٿا ته سندن دليل ڏاڍا وزنائتا ۽ واضح هوندا آهن، هو فائدا به ڳڻائيندا آهن ۽ انگ اکر به، پر افسوس جو اهي سڀ حقيقتون پي سي ون جي لکت ۾ موجود ناهن هونديون۔ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جيڪو علم، منطق، تجزيو ۽ تجربو آفيسر جي دماغ ۾ هوندو آهي، اهو ڪاغذ تي منتقل ناهي ٿيندو، ۽ جڏهن اهو آفيسر تبديل ٿئي ٿو ته ان منصوبي جي اھم ”يادگيري“ به پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو۔
هن داستان جو سڀ کان حيران ڪندڙ ۽ ڪڙو رخ اهو پڻ آهي ته ڪيترائي بااثر ماڻهو ۽ تنظيمون پي سي ون جي تفصيلن کان واقف هوندا آهن، پر وڏي ستم ظريفي اها آهي ته اهي پنهنجي ان ”ڄاڻ“ کي منصوبي جي بهتري يا معيار لاءِ استعمال ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي مفاد يا ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پنهنجي ”قيمت“ وصول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ منصوبو ترقي جي مقصد تان هٽي ذاتي فائدي جي حوالي ٿي ويندو آهي۔ ان ڪري، اهو ضروري آهي ته پي سي ون جي ڄاڻ صرف چند ماڻهن تائين محدود نه رهي پر عام ماڻهوءَ تائين پهچي۔ جڏهن عام شهريءَ کي پي سي ون جي ڄاڻ هوندي ته هو رڳو هڪ خاموش ڏسندڙ نه رهندو، پر هڪ باخبر نگران بڻجي ويندو۔ اها ڄاڻ عوام کي اها طاقت ڏئي ٿي ته هو خراب / گھٽ ڪم يا گھٽ وڌائي تي سوال اٿاري سگهن ۽ منصوبي ۾ معيار ۽ مقصد کي يقيني بڻائين۔ هتي عوامي دٻاءُ جو مقصد منصوبي کي روڪڻ يا ان جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ نه هجڻ گهرجي، پر ان جو اصل مقصد منصوبي جي بهتري ۽ ان کي صحيح رخ ۾ رکڻ ھجڻ کپي۔ پي سي ون جي پڌرائي هڪ عام ماڻهوءَ کي رياستي نظام جي آڏو ”محتاج“ وارو ڪردار بدلائي کيس ترقياتي عمل جو هڪ ذميوار ”ڀائيوار“ بڻائي ٿي۔
هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن بنيادي مقصد ئي لکت ۾ چٽو نه هوندو ته ان جي نگراني ڪيئن ٿيندي؟ جيڪڏهن معاشي ۽ ماحولياتي خطرن جو ذڪر ئي ناهي ته انهن خطرن کي گهٽائي ڪيئن سگھبو؟ هڪ بهترين پي سي ون ته اها آهي جيڪا ڪنهن ڪهاڻي وانگر پڙهڻ جي لائق هجي۔ مثال طور، جيڪڏهن ڪا پي سي ون اهو ٻڌائي ته ”هن منصوبي ذريعي ڪيٽي بندر جي ڏھن ھزارن ماڻھن کي واھ کان پنجن انچن جي پائپ ۽ تلائن جي نظام ذريعي ٻن سالن اندر پيئڻ جو پاڻي ملي سگھندو“ ته هي هڪ طاقتور جملو آهي جنهن ۾ مقصد، طريقو ۽ ڪاميابيءَ جي ماپ، ٽيئي موجود آهن۔
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي ٻوڏون ۽ ڏڪار عام آهن، اتي ماحولياتي تجزيو رڳو هڪ ڪاغذي ڪارروائي ناهي پر عوام جي بچاءُ لاءِ لازمي آهي۔ منظوري کانپوءِ پي سي ون هڪ عوامي دستاويز بڻجي ويندو آهي، جيڪو ويب سائيٽن تي موجود هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ڏسي سگهن ته سندن ٽيڪسن جو پئسو ڪٿي لڳي رهيو آهي۔ ايستائين جو جيڪڏهن منصوبو عالمي بئنڪ جهڙن ادارن جي مدد سان هجي ته ان جو ’پي اي ڊي‘ (پروجيڪٽ ڊيويلپمنٽ اپريزل) به عوامي پهچ ۾ هوندو آهي ته جيئن هر شهري کي خبر هجي ته سندس نالي تي ڪهڙا واعدا ڪيا پيا وڃن۔
آخر ۾ عرض ته ، پي سي ون جيڪڏهن گهري سوچ سان لکيو وڃي ته اهو رڳو هڪ سرڪاري فارم ناهي رهندو، پر تبديليءَ جو هڪ گھاڙيٽو ٿي پوندو آهي۔ اهو ٽيڪنيڪي ڊيزائن، معاشي منطق ۽ سماجي اثرن کي هڪ ئي تسلسل ۾ پوئي ڇڏيندو آهي۔ اهڙي پي سي ون فقط هڪ فائيل ناهي، پر ترقي، شفافيت ۽ عوام جي اعتماد جو هڪ حڪومتي دستاويزي واعدو آهي۔ ترقيءَ جو سفر رڳو مشينن يا سيمينٽ سان نه، پر هڪ مضبوط سوچ سان شروع ٿيندو آهي، جنهن جو پهريون پڙاءُ پي سي ون جي سٽاءُ ۾ سمايل هوندو آهي۔ جڏهن پي سي ون صاف ۽ جامع هوندي، تڏهن ئي ترقي موثر ۽ پائيدار ٿي سگھندي، ڇاڪاڻ ته عوام کي اهو ڄاڻڻ جو پورو حق آهي ته سندن نالي تي ٿيندڙ هيءَ ترقي واقعي کين هڪ بهتر زندگي ڏئي رهي آهي يا ڪنھن ٻئي جا ڀانڊا ڀري رھي آھي۔