وڳڻ (ويب ڊيسڪ) وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، چور وڪيل جي واڙي مان ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا.
ڳوٺ چئوديرو ۾ اڻڄاتل چور وڪيل شعيب مجاهد تنيو جي واڙي ۾ داخل ٿي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڦرون ۽ چوريون معمول بڻجي ويون آهن، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي امن قائم ڪرائي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
You might also like