بدين(ڊ ر) پيرو لاشاري ۾ بي دردي سان قتل ٿي ويل هاري نوجوان ڪيلاش جي قتل جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي سماجي سول سوسائٽي طرفان بدين ۾ هنيل ڌرڻو ٻن ڏينهن بعد ختم ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته اٽڪل 5 ڏينهن پهريان تلھار ٿاڻي جي حد پيرو لاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولهي ۾ اجھو اڏڻ تان بي دردي سان قتل ٿي ويل هاري ڪيلاش جي قاتل زميندار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي بدين کي ڏنل مهلت ختم ٿيڻ باوجود قتل جو جوابدار سرفراز نظاماڻي گرفتار نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي پارٽي جي اڳواڻن سول سوسائٽي جي ۽ سوين شهرين پاڪستان ڪولھي اتحاد جي پهلاج ڪولھي، لالچند ڪولھي، گيان چند ڪولھي، سوڍي ڪولھي رائچند مڪواڻا جمعت علماءِ ضلع صدر مولانا عبدالواحد فاروقي، رفعت نويد چوڌري، قومي عوامي تحريڪ جي سانول گوپانگ، ايڊوڪيٽ سونهن گوپانگ، عبدالله چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايڊوڪيٽ امير آزاد پنهور، ايس ٽي پي جي شاھنواز سيال قوم پرست اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي، پي ٽي آءِ جي عزيز الله ڏيرو سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ مختلف قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن اسماعيل ناز نوتڪاڻي ٽي وي اداڪار حيدر قادري عرف تيزاب سنڌي سول سوسائٽي اشرف سمون منظور سولنگي ايڊوڪيٽ طارق هاشماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿر ڪول باءِ پاس روڊ تي پير چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو هو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته بدين پوليس منشات تي منٿلي وٺڻ ۾ مصروف آهي ضلع مان امن جو پکي اڏامي ويو آهي، هڪ بي گناهه هاري جي قتل کي4 ڏينهن ٿي ويا آهن پوليس اڪيلي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي هنن مطالبو ڪيو ته هاري ڪيلاش ڪولھي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، جڏهن ته پير چوڪ تي ڪيلاش ڪمار جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هنيل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ايس ايس پي بدين طرفان ھڪ ھفتي اندر قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، ڌرڻو ختم ڪرڻ بعد اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن ڪيلاش جو قاتل بااثر سرفراز نظاماڻي گرفتار نه ٿيو ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ ڪيلاش جي زال کي بيهوشي جا دورا پيا، ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ چيو ته بااثر کي گرفتار ڪيو وڃي، مان ڌرڻو ختم نه ڪنديس، جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرڻ وقت ڪجهه مظاهرين پاران پڻ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي نامنظور نامنظور جا نعرا پڻ هنيا ويا، ٻئي پاسي ڪوٽ غلام محمد، تلهار ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪيلاش جي قاتل جي گرفتاري لاءِ مظاهرا پڻ ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته پنج ڏينهن اڳ بدين ويجھو ڳوٺ ڏاھو ڪولھي ۾ پورهيت ڪيلاش ڪولھي کي هڪ بااثر وڏيري پسٽل جا سڌا فائر ڪري بي دردي سان قتل ڪيو، واقعي بعد وارثن پاران ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ بدين پيرو لاشاري ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران ايس ايس پي بدين ڌرڻي واري هنڌ پهچي خاطري ڪرائي ته جوابدار کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويندو، اڳواڻن موجب ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ به 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ڪيو ويو. ڪالهه وارثن، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران پيرو چوڪ بدين تي پڻ پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، پوليس بااثر کي بچائي رهي آهي.
تلهار سوڌو سڄي سنڌ دانهين پئي، نوجوان قتل ٿي رهيا آهن: صنعان قريشي
ڪراچي/ ملير (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪير ڪٿي به محفوظ ناهي، بدين جي شهر تلهار ۾ ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪيو ويو، ڪولهين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارين جي تعداد ۾ نوجون ڪيلاش ڪولهي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مسلسل رات ڏينهن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا پر سنڌ سرڪار جو ڪو به نمائيندو ان ڌرڻي ۾ نه پهتو، ڌرڻي کي پوليس جي طاقت سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، ڪيلاش ڪولهي جي وارثن کي ڪوڙو دلاسو ڏئي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو آهي، ٻي پاسيدادو ۾ وري پوليس پنهنجي عام روايت کي برقرار رکندي هڪ ذميدار نوجوان نادر جمالي کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري غير قانوني ۽ لاقانونيت کي هٿي ڏئي نوجون کي قتل ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح سڄي سنڌ جي اها صورتحال آهي، انصاف، قانون، امن، تحفظ ناهي رهيو، ميڊيا ڪو آرڊينيٽر ديدار شام وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي تلهار ۾ قتل ٿيل ڪيلاش ڪولهي ۽ دادو ۾ قتل ٿيل نادر جمالي جي واقعي جي عدالتي جاچ جي گهُر ڪندي چيو آهي ته سنڌ انصاف جي بحالي لاءِ ڪورٽن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، قتل نوجوان جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.
ڪيلاش ۽ نادر جمالي جي قتلن جو عدالتن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي:اياز لطيف
حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪيلاش ڪولھي ۽ نادر جمالي جي قتلن جو سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، آءِ جي پوليس کي ٻنھي ھنڌن تي پھچڻ گهرجي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن کان مٿي دور سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھنن سنڌ ۾ بادشاھت قائم ڪري ڇڏي آهي جنھن ۾ عوام غلام ھجي بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن ٿا، پيپلزپارٽي جا ڪرپٽ حڪمرانو ھي اھي ڪولھي آهن، جن روپلي ڪولھي جي اڳواڻي ۾ انگريزن جون پاڙون پٽي ڇڏيون توھين ڇا آهيو. ڪيلاش ڪولهي جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته خراب حڪمراني سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. غربت، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ ڪرپشن وڏا مسئلا آھن. تعليم ناھي، صحت جون سھولتون ناھن. لکين نوجوان ڊگريون کڻي وزيرن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھن. مايوسين سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.
بندوق جي زور تي فيصلا ڪرڻا آهن ته پوءِ عدالتن کي تالا لڳايو:ڪاشف سعيد
ڪراچي (پ ر) اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پيرولاشاري ۾ هاري نوجوان ڪيلاش ڪمار جي قتل توڙي دادو ۾ جج جي ٻڪري چوري ٿيڻ جي الزام ۾ زميندار مير نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر لاڳيتو پوليس جعلي مقابلن ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل توڙي بااثر وڏيرن پاران مظلوم هارين مٿان ظلم ۽ جبر جو سلسلو جاري آهي جنهن جو تازو مثال تلهار ۾ هاري ڪيلاش ڪمار کي ڏينهن ڏٺي ذهني مريض وڏيري سرفراز نظاماڻي هٿان بيدردي سان قتل توڙي دادو ۾ معروف سوشل ورڪر ۽ زميندار نادر جمالي مٿان ٻڪري چوريءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس جعلي مقابلي ۾ قتل آهي. اهڙن افسوس ناڪ واقعن سڄي سنڌ ۾ خوف ۽ بي چيني پکيڙي ڇڏي آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڏوهاري به آهي تڏهن به پوليس کي کيس قتل ڪرڻ جو لائسنس ملڻ نه گهرجي جيڪڏهن فيصلا بندوق جي زور تي ڪرڻا آهن ته پوءِ عدالتن کي تالا لڳائي ڇڏيو. بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته مظلوم ڪيلاش ڪمار جي قتل خلاف گذريل ٻن ڏينهن کان بدين ۾ عوامي ڌرڻو جاري آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ آهن، پر افسوس جو مقام آهي جو ڪوبه مقامي چونڊيل نمائندو وٽن لڙي ناهي آيو نه ئي وري سنڌ حڪومت جي ڪنهن وزير مُشير کي اها توفيق ٿي ته هوءَ مظلومن سان همدردي ۽ قاتل جي گرفتاري لاءِ اُپاءُ وٺن، ڇا سنڌ جو مظلوم اقليتي عوام فقط پ پ جي وڏيرن کي ووٽ ڏيڻ مهل ياد ايندا آهن؟ پوليس هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود هڪ معمولي شخص کي به گرفتار ناهي ڪري سگهي جنهن مان سندن ڪارڪردگي جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، ڇا سنڌ پوليس رڳو بي گناه ماڻهن کي ڪوڙن مقابلي ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ لاءِ قوم جي ٽيڪسن مان پگهارون کڻي رهي آهي، دادو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ نادر جمالي جو قتل نئين آءِ جي جاويد عالم اوڍو جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، جيڪڏهن رياست به فقط طاقت جي زور تي معاملا هلائيندي ته معاشري ۾ جهنگ جو قانون لاڳو ٿي ويندو.نادر جمالي مٿان ٻڪريءَ چوري جو ڪيس داخل ڪري مارڻ قانون جي بالادستي تي وڏو سواليه نشان آهي.