جسٽس جهانگيري کانپوءِ چيف جسٽس عاليا نيلم جي تعليمي قابليت تي به سوال اٿاريا ويا

اسلام آباد (بيورو) سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻن ججن خلاف شڪايت داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ انهن جي تعليمي قابليت، اهليت ۽ انتظامي ڪردار تي سوال اٿاريا ويا آهن. شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس عاليا نيلم ۽ جسٽس ابهر گل خان پنهنجن عهدن لاءِ اهل نه آهن، ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ٻنهي ججن جي تعليمي قابليت ۽ مجموعي اهليت جو تفصيلي  جائزو وٺڻ گهرجي. شڪايت ڪندڙن موجب، جسٽس ابهر گل خان جي تعليمي ڊگري صحيح نه آهي، تنهن ڪري، سندس مڪمل رڪارڊ تصديق لاءِ طلب ڪيو وڃي. اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته لاهور ۾ عورت ضلعي ججن کي ڄاڻي واڻي ڏورانهن علائقن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، جيڪو انهن جي ذاتي ۽ خانداني زندگي کي متاثر ڪري رهيو آهي. شڪايت ۾ چيف جسٽس عاليا نيلم تي ضلعي عدالتن جي معاملن ۾ مداخلت جو به الزام لڳايو ويو آهي. شڪايت ڪندڙن مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن الزام سچ ثابت ٿين ته لاڳاپيل ججن کي انهن جي عهدن تان هٽايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.