اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم ۽ تاريخي فيصلي ۾ پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي اولڊ ايج بينيفٽس انسٽي ٽييوشن (اي او بي آءِ) تحت پينشن جو حقدار قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت اي او بي آءِ کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني درخواست گذارن کي ماهوار اولڊ ايج پينشن جي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فلاحِي قانونن جو مقصد عوام کي رليف فراهم ڪرڻ هوندو آهي نه ڪي انهن کي حقن کان محروم ڪرڻ، عدالت واضح ڪيو ته اهي ملازم جن 15 سال کان گهٽ، پر ساڍا 14 سال يا ان کان وڌيڪ سروس مڪمل ڪئي آهي، انهن کي پڻ پينشن جو حق حاصل هوندو، فيصلي موجب جيڪڏهن سروس جو عرصو ڇهه مهينا يا ان کان وڌيڪ هجي ته ان کي مڪمل هڪ سال تصور ڪيو ويندو، جڏهن ته پينشن جي معاملي ۾ رائونڊنگ آف جو اصول لاڳو ٿيندو، هي فيصلو چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٻڌايو، جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، عدالت اي او بي آءِ طرفان داخل ڪيل سڀئي اپيلون رد ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2024 ۽ 2025 وارن فيصلن کي برقرار رکيو، وفاقي آئيني عدالت وڌيڪ چيو ته فلاحِي قانون جي سخت تشريح ذريعي ملازمن کي پينشن کان محروم ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي، جيڪي ملازم ساڍا 14 سال کان وڌيڪ سروس مڪمل ڪري چڪا آهن، انهن کي 15 سال مڪمل ڪندڙ تصور ڪيو ويندو ۽ انهن کي لازمي طور اولڊ ايج پنشن ادا ڪئي ويندي.