گهوٽڪي(رپورٽ :شيراز مهر) ميرپور ماٿيلو جي صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جا وارث قاتلن جي گرفتاري لاءِ گهوٽڪي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي آمد جي موقعي تي ملڻ لاءِ پهچي ويا،ڪورٽ ٻاهريان قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن يعقوب گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجڪيو ويو,ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن جو چوڻ هو ته ٻه سال گذري ويا آهي پر اسان سان انصاف ناهي ٿي سگهيو,هر آفيسر اڳيان دانهيو آهي پر ڪير به نٿو ٻڌي,هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن جنهن ڪري قانون به انصاف نٿو ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.