ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:علي وسير ) ميرپور ماٿيلي جي ارڏي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي 44 وين سالگرھ جي موقعي تي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ساٿين سماجي ورڪرن پاران شھيد صحافينصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جي صدارت ھيٺ شھيد نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو آڏو ھڪ تقريب منعقد ڪئي جنھن ۾ شھيد صحافي جي ساٿين سياسي سماجي اڳواڻن شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي شھيد صحافي جي سالگرهه جو ڪيڪ عقيدت جو اظهار ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي وقار بوزدار الله ڏنو سميجو عبدالمجيد ميربحر جنيد جلباڻي فاروق ڪلھوڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ ڳالھائڻ جي ڏوھ ۾ بااثر رھزن ھٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏيو هو پر افسوس جو مقام آھي جو ٻه سال گزري باوجود ھن وقت تائين قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ جي بنگلي تي ويٺل قاتل برڪت لنڊ کي پوليس گرفتار ڪرڻ بجاء عدالتي حڪمن تي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن کي مليل پوليس جي سيڪيورٽي ايس ايس پي گھوٽڪي انور کيتران واپس وٺي ڇڏي آهي جنھن سبب شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد احمد خان لنڊ جا گارڊ اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن حاضرين تي وڃڻ وقت رستا روڪ ڪري گار گند ڪئي ويندي آهي جنهن سبب جان کي خطرو آهي ھنن چيو ته اسان گذريل ڏينهن به اسان آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي ميرپور ماٿيلو آمد جي موقعي تي احتجاج ڪيو ھيو ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي گھوٽڪي جي آمد دوران پڻ انصاف لاءِ احتجاج ڪيو آھي ھنن چيو ته اسان اڄ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي 44 وين سالگرھ جي موقعي تي سڀ دوست وچن ڪيون ٿا ته شھيد جو مشن جاري رکندا سين ۽ قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکندا سين