اين آءِ سي وي ڊي ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون؟ آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي/لاهور(امداد سومرو)ڪراچي جي مشهور دل جي اسپتال، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو واسڪيولر ڊزيز (اين آءِ سي وي ڊي) بابت آڊيٽر جنرل سنڌ جي سال 2024–25ع جي آڊٽ رپورٽ ۾ سنگين انڪشاف سامهون آيا آهن. رپورٽ موجب اسپتال ۾ اربين رپين جون بي ضابطگيون ٿيون آهن.آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دوائن جي خريداري ۾ شفاف طريقيڪار موجود ناهي،اسٽنٽس جي فراهمي بابت مريضن جو مڪمل رڪارڊ نه آهي،ساڳئي گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۽ الاؤنسز ۾ وڏا فرق آهن،بغير واضح معيار جي وڏيون پگهارون ڏنيون ويون آهن.رپورٽ موجب، صرف پگهارن ۽ الاؤنسز جي مد ۾ لڳ ڀڳ 4 ارب 80 ڪروڙ رپين جا خرچ شڪي آهن.دوائن جي خريد ۽ فراهمي ۾ 56 ڪروڙ 90 لک رپين کان وڌيڪ بي ضابطگيون سامهون آيون آهن.انجيوگرافي ۽ سرجيڪل سامان بابت 86 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ خرچن ۾ به شفافيت نه ملي.ان کان علاوه اسٽنٽس جي رڪارڊ ۾ به 47 ڪروڙ 77 لک رپين جون بي قاعدگيون ظاهر ڪيون ويون آهن.آڊيٽر جنرل نومبر 2025ع ۾ اين آءِ سي وي ڊي انتظاميه کي هدايت ڪئي هئي ته هو پنهنجو رڪارڊ درست ڪري، پر ذريعن موجب ان وقت مڪمل وضاحت پيش نه ڪئي وئي.اين آءِ سي وي ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طاهر صغير جو چوڻ آهي ته اهي سڀ “آبزرويشنز” آهن، ڪرپشن جو الزام ناهي. هن مطابق گهربل رڪارڊ ناڻي واري وزارت کي ڏنو ويو آهي، جيڪو هاڻ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو، جتي معاملو حتمي طور واضح ٿي ويندو.سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جهڙا ادارا، جتي غريبن جو مفت علاج ٿئي ٿو، اتي انتظاميه کي انتهائي احتياط سان ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙين رپورٽن سبب نه رڳو ادارن جي ساک متاثر ٿئي ٿي، پر آخرڪار حڪومت، خاص طور سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت تي به سوال اٿن ٿا.صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه ۽ صحت واري وزير تي ذميواري وڌي وئي آهي ته هو سخت نگراني ڪن، جيئن عوامي ادارا ڪنهن به قسم جي بدنامي کان بچي سگهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 08 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.