نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ وڏا آگاڻي پل وٽ دادو ڪئنال مان نوجوان جو گوليون لڳل لاش ڏسي ڳوٺاڻن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس پهچي لاش دادو ڪئنال کان ٻاهر ڪڍرايو جنهن بعد حد جي ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس پهچي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ڪيو. ماهوٽا ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد علي اوڍو ٻڌايو ته نوجوان جو لاش دادو ڪئنال مان ٻاهر ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرايو آهي. نوجوان کي سيني ۾ 2 گوليون لڳل آهن، لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي نوجوان جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.