ڪلوئي ۾ زميندار جي واٺن هٿان ڪهاڙين جي وار سان اٺڙي زخمي

ڪلوئي (رپورٽ نواز لنڊ) ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ کاڙڪ ۾ بااثر زميندار جي وحشي صفت ماڻھن پاران ڳوٺاڻي پورھيت اسحاق لنڊ جي اٺڙي کي فصل ۾ ڀيل ڪرڻ تان مبينا طور سڌيون ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ اٺڙي جي مالڪ اسحاق لنڊ پاران ڳوٺ جي بااثر ماڻھن پاران ڪھاڙيون ھڻي اٺڙي کي زخمي ڪرڻ جو الزام مڙھيو ويو ڳوٺاڻي موجب بي گناھ منھنجي اٺڙي کي ڪھاڙيون ھڻي زخمي ڪيو ويو آھي،جڏھن ته منھنجي اٺڙي فصل جو ڀيل ناھي ڪيو جوبدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي سوشل ميڊيا تي خبرون ھلڻ بعد ڪلوئي جو ايس ايڇ او ڄاڻايل ڳوٺ پھچي زخمي اٺڙي کي ڏسي بغير ڪنھن ڪارروائي جي واپس روانو ٿي ويو ايس ايڇ او ڪلوئي غلام رسول جنجھ موجب ڄاڻايل ڳوٺ ۾ وڃي زخمي ڏاچي کي ڏسي آيس اٺڙي تي بلڪل ڪھاڙين سان حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آھي اگر ٿاڻي تي ڪو ايندو ته ان کي زخمي اٺڙي جي علاج لاء ليٽر جاري ڪيو ويندو وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون جڏھن ته وٽرنري ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿرپارڪر ڊاڪٽر اجئي ڪمار ٻڌايو ته اسان کي ڪلوئي جو ايس ايڇ او لکي ڏيندو ته زخمي اٺڙي جو علاج ڪيو ويندو آخري اطلاعن تائين زخمي اٺڙي جو علاج شروع نه ٿيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.