عوامي تحريڪ جو وفد مقتول ڪيلاش ڪولھي جي تڏي تي پهتو

حيدرآباد/ بدين/ ماتلي (پ ر+ڊ ر) عوامي تحريڪ جو وفد، مرڪزي نائب صدر ستار رند، جاکرو نوحاڻي، هميرو مل، مهراڻ درس، جيون دلدار، ايڊووڪيٽ فاضل زئور، لکاڏنو خاصخيلي ۽ هريرام جي اڳواڻي ۾ مقتول هاري ڪيلاش ڪولهي جي تڏي تي پهتو، جتي وفد مقتول هاري جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته هاري ڪيلاش جو قتل رڳو هڪ فرد جو قتل ناهي پر اهو سنڌ جيپورهيت طبقي ۽ هارين  تي منظم دهشتگردي ۽ ظلم جو تسلسل آهي. سنڌ ۾ هاري، مزور ۽ پورهيت مڪمل طور تي غير محفوظ آهن، جڏهن ته هارين جي قاتل وڏيرن کي پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ زمينداراڻو نظام، بااثر ڌرين جي ڏاڍ، ۽ لاقانونیت سبب هاري مسلسل تشدد، بي دخلي ۽ قتل جو شڪار ٿي رهيا آهن. حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي، پر سنڌ سرڪار لاقانونيت کي فروغ ڏئي، قاتلن جي سرپرستي ڪري رهي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هاري ڪيلاش ڪولهي جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي، هارين جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.