جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ايم ڪيو ايم باني جي بيان جي آجيان

حيدرآباد( پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو سربراھي اجلاس رھبر ڪميٽي جي سربراھ  ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿي گذريو جنھن ۾ جسقم بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ جي انور بڙدي نواز شاهه ڀاڏائي پنھل ساريو ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122ھين سالگرھ  سن ۾ ملھائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو اھو طئـ ڪيو ويو ته سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو گڏيل جلسو ڀرپور انداز ۾ ڪيو ويندو اجلاس ۾ سياسي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو تـ سنڌ ھڪ صوبو نـ پر سنڌين جو تاريخي وطن آھي ڪنھن کي بـ ان جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي اجازت نـ ڏبي اسان اردو ڳالھائيندڙن  کي  سنڌ جو مستقل رھاڪو سمجھون ٿا سنڌ اسان سڀني جو گڏيل وطن آھي رھبر ڪميٽي متحدا جي باني الطاف حسين جي ان بيان جي واکاڻ ٿي ڪري جنھن ۾ ھو سنڌ کي تاريخي وطن قرار ڏيندي ان جي وطني سالميت کي برقرار رکڻ ۽ بچائڻ جي ڳالھ ڪري ٿو اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي وسيلن ڪارونجھر جبل معدنيات ۽ ٻين پيداواري ذريعن ۽ سنڌو درياهه تي قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن انھنن ناجائز قبضا گيرين کي رد ڪريون ٿا ان موقعي تي وڌيڪ چيو ويو ته ملڪي ترقي جي آڙ  ۾  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ھيٺ اسان جا جبل پھاڙ زمينون ٽوئرازم جون پوانئٽون ٺٽي بدين ۽ سجاول جي ساحلي پٽي ماڳ مڪان سڀ قبضي ھيٺ ڪيا ويا آھن سڄي سنڌ ۾ ٻيلن تي قبضو پيا ڪن ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته ٺٽي جي جيل ۾ ھڪ قيدي علي بخش ملاح کي بنا قصور تشدد ڪري ماريو ويو آھي تلھار ۾ ھڪ ڪولھي نوجوان کي جن ماريو اھي قاتل پوليس بچائي رھي آھي ھر طرف دھشتگردي آھي ھن سڄي ظلم جي ذميوار پيپلزپارٽي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.