ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ميگا آپريشن جو اعلان،پنجاب پوليس کان به مدد طلب

سکر(رپورٽ: آزاد مھر)گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف ميگا آپريشن شروع ڪنداسين: سنڌ جو گهرو وزير.سنڌ جي گهرووزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ مجموعي امن امان جي صورتحال بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب ۽ لاڳاپيل ضلعن جا ايس ايس پيز شريڪ ٿيا. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي طرفان ڏوهن خلاف جاري پوليس ڪاررواين، آپريشنل اڳڀرائي ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪچي ۽ پڪي علائقن ٻنهي ۾ پوليس جا دستا مڪمل طور متحرڪ ۽ چوڪس آهن. ڌاڙيلن جون گهٽيون ۽ ٺڪاڻا ڊاهي ختم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سندن سهولتڪارن خلاف به بنا فرق جي ڪارروايون جاري آهن. جديد ٽيڪنالاجي، ڊرون نگراني ۽ انٽيليجنس بنياد تي آپريشنن ذريعي ڏوهاري عنصرن جو اثرائتو تعاقب ڪيو پيو وڃي. ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس جي مستقل موجودگي سان ڏوهن جي پاڙ پٽڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. گهرو وزير چيو ته آپريشن دوران ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿي سگهن ٿيون، پر جيڪڏهن ڪا ڏکيائي پيش اچي ته سنڌ حڪومت سنڌ پوليس سان گڏ بيٺل آهي. هن واضح ڪيو ته رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن سان زيرو ٽالرنس پاليسي تحت سختي سان نمٽيو ويندو ۽ ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه هوندو.سنڌ جي گهرو وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي مان شروع ڪيل ميگا آپريشن لاءِ گهربل لاجسٽڪ سهولتن بابت سفارشون فوري طور موڪليون وڃن، جن ۾ جديد ڊرون، هٿيار، گولا بارود ۽ گاڏيون شامل آهن، جيڪي بنا دير منظور ڪيون وينديون. هن چيو ته آپريشن جون ضرورتون وقت سان تبديل ٿينديون رهن ٿيون، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارا بروقت آگاهه ڪن ته جيئن ميگا آپريشن ڪنهن به مرحلي تي متاثر نه ٿئي ۽ انهن وحشي،انسانيت دشمن عنصرن خلاف ڪارروائي بنا رڪاوٽ جاري رهي. اجلاس دوران گهرو وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو ذاتي طور آءِ جي پنجاب ۽ آر پي او بهاولپور سان رابطو ڪري کين اعتماد ۾ وٺي گڏيل ميگا آپريشن لاءِ سڀ ضروري قدم يقيني بڻائين. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي باهمي سهڪار سان ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروايون جاري آهن هن  واضح ڪيو ته نامي گرامي ڌاڙيل هجن يا ٻيا ڏوهاري، قانون سڀني لاءِ برابر آهي ۽ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته صحافي جان محمد مہر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ سنڌ پوليس مڪمل طور صورتحال تي ڪنٽرول رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي، تنهن ڪري فوج گهراڻ جي ضرورت پيش نه ايندي. هن ڌاڙيلن کي آخري موقعو ڏيندي چيو ته هو هٿيار ڦٽو ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿي وڃن، ٻي صورت ۾ رياستي طاقت ذريعي سندن خاتمو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.