80 هزار جانيون ڏيندڙ صوبي جي مينڊيٽ کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ ڏکوئيندڙ عمل آهي:سهيل آفريدي

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي پاڪستاني فوج جي ترجمان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تقريبن 80 هزار قيمتي جانيون قربان ڪندڙصوبي جي ماڻهن ۽ انهن جي جمهوري مينڊيٽ کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ هڪ تمام افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ عمل آهي.’ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي ڊگهي پريس ڪانفرنس تي پنهنجو موقف ڏيندي هن چيو ته ‘هڪ رياستي اداري جي نمائندي جي اهڙي منفي سوچ نه رڳو قومي اتحاد کي نقصان پهچائي ٿي پر پاڪستان جي استحڪام لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. سهيل آفريدي چيو ته ‘اهو واضح هجڻ گهرجي ته ڪنهن به ممڪن فوجي آپريشن جي مخالفت صرف پاڪستان تحريڪ انصاف تائين محدود ناهي، پر خيبر پختونخواهه جون سڀئي سياسي ۽ مذهبي پارٽيون ۽ هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو ان موقف تي متفق آهن ته فوجي آپريشن ڪنهن به مسئلي جو مستقل حل نه آهن. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته ‘اهو هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ هاڻي تائين 22 وڏا فوجي آپريشن ۽ لڳ ڀڳ 14,000 انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا آهن، پر دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو نه آيو آهي. هن چيو ته، "هي صورتحال اهو سوال پيدا ڪري ٿي ته پاليسي سازي ۽ عملدرآمد ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنگين خاميون آهن. اهڙي صورتحال ۾، بند ڪمرن ۾ ويهڻ ۽ غير موثر پاليسين تي اصرار ڪرڻ جي بدران، هڪ واضح پاليسي تبديلي اڻ ٽر ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته قوم جا وسيلا انهن ناڪام حڪمت عملين تي تمام گهڻو خرچ ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت مسلسل خطري ۾ آهي. سهيل آفريدي وڌيڪ لکيو ته هن حوالي سان، بنيادي سوال اهو رهي ٿو ته هن ڀيري ڪهڙي ٺوس ضمانت آهي ته هڪ ٻيو فوجي آپريشن واقعي پائيدار امن جي بنياد رکندو؟” جيڪڏهن ماضي جي حڪمت عملي، وڏي جاني نقصان ۽ بيشمار وسيلن جي استعمال جي باوجود، گهربل نتيجا پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ته پوءِ ماڻهن ۽ انهن جي چونڊيل نمائندن کي ڪيئن اعتماد ڏنو پيو وڃي ته ساڳيو طريقو هن ڀيري مختلف نتيجا پيدا ڪندو؟ هن چيو ته پاليسي سازي ۾ شفافيت، واضح مقصدن ۽ ماپيل نتيجن کان سواءِ، ڪو به نئون قدم امن جي بدران وڌيڪ غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.