اتر سنڌ گذريل ڪيترن ئي سالن کان هڪ اهڙي اذيت مان گذري رهي آهي، جتي قانون ڌاڙيلن، قبيلائي تڪرارن ۽ ڪچي جي بي لغام ڏوهارين اڳيان ڪمزور نظر ايندو رهيو آهي. اها صورتحال ڪنهن هڪ ڏينهن، هڪ واقعي يا هڪ حڪومت جي دور ۾ پيدا نه ٿي، پر اهو هڪ ڊگهو، پيچيده ۽ گهڻ رخي بحران رهيو آهي، جنهن ۾ سياسي مصلحتون، قبيلائي اثر ۽ حڪومتي ڪمزوريون شامل رهيون آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اتر سنڌ جا ڪيترائي علائقا آهستي آهستي حڪومت جي گرفت مان نڪري نوگو ايريا بڻجي ويا، جتي ڌاڙيلن جا قانون هلندا رهيا، جتي ماڻهو نه رڳو شهرن ۾ پر پنهنجن گهرن ۾ به غير محفوظ بڻجي ويا. اها تلخ حقيقت آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو خوف ايتري حد تائين وڌي ويو هو جو ماڻهو رات جو پنهنجي گهرن ۾ سک سان سمهي به نه سگهندا هئا ۽ راتين جو جاڳين گهرن تي پهرو ڏيڻ لڳا. ڪيترن ئي خاندانن پنهنجا ڳوٺ ڇڏيا، ڪيترن پنهنجا ڌنڌا بند ڪيا، واپار، زراعت ۽ روزگار سخت متاثر ٿيا ۽ سماجي زندگي مفلوج ٿي وئي.
اهڙي پس منظر ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت ۽ پوليس اتر سنڌ، خاص طور ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو، سنجيده ۽ بنا ڪنهن مصلحت جي آپريشن ڪري انهن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اها رڳو هڪ سيڪيورٽي ڪاميابي نه هوندي، پر اها عوام جي اعتماد جي بحالي، رياستي رٽ جي واپسي ۽ سنڌ حڪومت جي سڀ کان وڏي سياسي ۽ اخلاقي ڪاميابي ليکي ويندي. ڇو ته امن اصل ۾ عوام جي دلين مان خوف ڪڍي اعتماد ڏيڻ ۽ کين اهو احساس ڏيارڻ آهي ته حڪومت ساڻن گڏ بيٺل آهي. انهيءَ تناظر ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جو گهوٽڪي آمد دوران صحافين سان ڳالهائيندي اهو چوڻ ته ڪچي وارن علائقن ۾ هلندڙ آپريشن کي وڌيڪ سگهارو ۽ تيز ڪرڻ ترجيح آهي انتهائي اهم ۽ معنيٰ خيز بيان آهي. اهو بيان صرف هڪ آفيسر جو بيان نه پر رياست جي ان ارادي جو اظهار آهي ته هاڻي ڪچي جا علائقا ڪنهن به صورت ۾ ڏوهن جي پناهه گاهه نه رهندا. آءِ جي سنڌ جو اهو به چوڻ ته ٻين ادارن سان رابطن ۾ رهندي ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وينديون، ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته هن ڀيري معاملي کي جزوي نه پر جامع انداز ۾ ڏٺو پيو وڃي.
اتر سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بگاڙڻ ۾ قبيلائي جهيڙن جو ڪردار به ڪنهن کان لڪل ناهي. نسل در نسل هلندڙ دشمنيون، معمولي ڳالهين تان وڏا تڪرار، هٿيارن جي نمائش ۽ سردارن جي انا ڪيترن ئي علائقن کي بدامني جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ جو اهو اعتراف ته ”قبيلائي جهيڙا ڏوهي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو وڏو سبب آهن“ حقيقت پسندي تي ٻڌل آهي. اهو پڻ حوصلا افزا آهي ته گذريل دور ۾ ٻن کان ٽن قبيلائي تڪرارن جو فيصلو ڪرائي علائقي ۾ امن بحال ڪيو ويو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جيڪڏهن نيت هجي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. پر ساڳئي وقت آءِ جي سنڌ جو اهو سخت لهجو به انتهائي اهم آهي، جنهن ۾ هن واضح لفظن ۾ چيو ته ”ڪوبه سردار رياست کان وڌيڪ طاقتور ناهي“ ۽ ”جيڪڏهن ڪنهن جي به طرفان رنڊڪ وڌي ته ان خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.“ سنڌ ، جتي سردار، وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا رهيا آهن، اتي اهڙو واضح موقف رياست جي طاقت جي بحالي جو اعلان آهي. جيڪڏهن واقعي هن اعلان تي عمل ٿيو ته اها روايت ٽٽندي، جيڪا سالن کان ڏوهن جي سرپرستي ڪندي رهي آهي.
آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس، جنهن ۾ گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعن جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته مسئلي کي علائقائي نه پر ريجنل سطح تي ڏٺو پيو وڃي. ڪچي جا علائقا انتظامي حدن جا پابند ناهن هوندا، تنهنڪري آپريشن به ضلعي حدن تائين محدود نه هجڻ گهرجي. گڏيل حڪمت عملي، گڏيل انٽيليجنس ۽ گڏيل ڪارروائي ئي ڪاميابي جي ضمانت بڻجي سگهي ٿي. آءِ جي سنڌ پاران پوليس آفيسرن کي اها هدايت ته ”ڏوهارين خلاف ڪارروائين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر حالت ۾ يقيني بڻايو وڃي“ رياست جي بنيادي ذميواريءَ جو ورجاءُ آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه مستقل بنيادن تي ڪيو ويندو يا ماضي وانگر ڪجهه مهينن جي ڪارروائي کان پوءِ حالتون ٻيهر ساڳيون ٿي وينديون؟
سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ قبيلائي جهيڙن ۽ ڌاڙيل راڄ جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪارڻ ٻيلي کاتي جي زمين پڻ آهي، جنهن تي مختلف برادري جا ماڻهو قبضو ڪري ڪروڙين رپين جا وڻ وڍرائي وڪڻي چڪا آهن ۽ اها زمين سالن زرعي آبادي طور استعمال ڪئي وڃي ٿي، سرڪاري زمين هئڻ سبب ان جي ڪا ڍل ۽ ٻئي ڪا ٽيڪس وغيره به نٿي ڏني وڃي، جيڪا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪئي ويندي هجي، ان لاءِ ڌاڙيلن وٽ تمام گهڻو پئسو اچي ٿو، جنهن مان هو خطرناڪ قسم جا هٿيار خريد ڪري ڏوهي وارداتن ۽ قبيلائي جهيڙن ۾استعمال ڪندا آهن، ان لاءِ ڪچي ۾ پائيدار امن تڏهن ئي قائم ٿي سگهندو جڏهن ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي اتي ٻيهر وڻ لڳايا ويندا، ايئن ڪرڻ سان هڪ طرف ڌاڙيلن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ملي ويندو ته ٻئي پاسي ٻيلا ٻيهر آباد ڪرڻ سان موسمي تباهي کان پڻ ڪنهن حد تائين بچي سگهبو.باقي اهو تاثر بنهه غلط آهي ته ٻيلا ئي ڌاڙيلن جي واڌ ويجهه ۽ محفوظ پناهه گاهون هجن ٿا، جڏهن ته هاڻ ته ڪٿي به ٻيلا نه رهيا آهن ته پوءِ ڌاڙيل محفوظ ڇو آهن؟
اسان اهو چوڻ ضروري سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت واقعي اتر سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي، ڪچي کي نوگو ايريا بدران امن جو علائقو بڻائي ٿي ۽ ماڻهن کي سندن شهرن توڙي گهرن ۾ تحفظ جو احساس ڏياري ٿي ته اها رڳو هڪ انتظامي ڪاميابي نه پر تاريخي ڪاميابي هوندي. اها ڪاميابي سنڌ حڪومت کي عوام جي دلين ۾ اهو مقام ڏئي سگهي ٿي، جيڪو رڳو تقريرن ۽ اعلانن سان نٿو ملي.اتر سنڌ جا ماڻهو هاڻي ڪنهن معجزاتي دعويٰ جا طلبگار ناهن، هو فقط اهو چاهين ٿا ته هو بنا خوف جي جي سگهجي، پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهن، پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهن ۽ رات جو سڪون سان سمهي سگهن. جيڪڏهن حڪومت کين اهو حق ڏئي سگهي ٿي ته پوءِ چئبو ته واقعي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي بنيادي ذميواري نڀائي آهي.