قمبر (ڊ ر+پ ر) سنڌ جي سورمي، ڇهن لانگ مارچن ۾ پيرين پنڌ هلندڙ، مشرف جي قھري دور ۾ ٻه دفعا گرفتار ٿيندڙ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر ۽ عوامي تحريڪ جي باني قائد رسول بخش پليجو جي گهرواري زاهده شيخ جي اٺين ورسي جو پروگرام قمبر پريس ڪلب هال ۾ ڪيو ويو. پروگرام کان اڳ قمبر ۾ زاهده شيخ جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي ڏني وئي ۽ سندس انقلابي جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ورسي جي پروگرام کي ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عمرہ سمون، غلام مصطفي چانڊيو، ماھ نور ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، امداد پٺاڻ، بختاور ملاح، فهميده مهيسر، حفيظا راهوجو، ريشمان راهوجو، بيبي باگڙي، محبوب رڪ راهوجو، اقراء ابڙو، بينظير مهيسر، شانل کوسو، ايڊووڪيٽ فاضل راهوجو، مختيار راهوجو، محمد خان چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته زاهده شيخ پنھنجي سموري حياتي پورهيت دوست انقلابي فڪر لاءِ وقف ڪئي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عالمي سامراج آمريڪا دنيا ۾ رت جي راند شروع ڪري ڇڏي آهي،هنن چيو ته اسان جي ملڪ جي حڪمرانن سنڌ سميت مظلوم قومن جي وسيلن، تيل ۽ معدنيات کي آمريڪي سامراج وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ جي سنڌ جي به معدنيات ۽ تيل تي ميري اک آهي.