سنڌ ۾ ڪرپٽ قيادت مسئلن جو اصل سبب آهي\ڪاشف سعيد

لاڙڪاڻو (بيورو) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ سميت سڄو ملڪ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني جو شڪار آهي، جنهن سبب عام شهري عدم تحفظ ۾ مبتلا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي پر مدي خارج نظام ۽ ڪرپٽ قيادت مسئلن جو اصل سبب آهي. ڪاشف سعيد شيخ الزام لڳايو ته گذريل سالن دوران جمهوري ادارا ڪمزور ڪيا ويا، آئين ۾ من پسند ترميمون ٿيون ۽ عوام کي حق حڪمراني کان محروم ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڊگهي حڪمراني سنڌ کي بدامني ۽ ڪرپشن جي علامت بڻائي ڇڏيو آهي. هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ “بدلايو نظام، سنواريو سنڌ” مهم شروع ڪري رهي آهي، جنهن تحت سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ عوام سان رابطو ڪري حقيقي جمهوريت، امن ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.