ڪراچي ۾ ڪتن صرف 5 ڏينهن ۾ 850 ماڻهن کي چڪي وڌو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪتن جي چڪڻ جا واقعا وڌي ويا آهن، ڪتن صرف هن سال جي پهرين 5 ڏينهن ۾ 850 ماڻهن کي چڪي متاثر ڪيو آهي. انڊس اسپتال ڪورنگي ۾ پنجن ڏينهن ۾ ڪتن جي ڪٽڻ جا 300 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته سول ۽ جناح اسپتالن ۾ به ڪتن جي ڪٽڻ جا 300 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر آفتاب گوهر موجب، انهن مان گهڻا ڪيس ڪورنگي، حب چوڪي، بلديا، لانڍي ۽ گڏاپ مان رپورٽ ٿيا آهن.انڊس اسپتال ۾ هڪ 41 سالن جي شخص کي ڪتي جي ڪٽڻ سبب سندس آڱر ڪٽڻي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.