ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) جي ڊائريڪٽر آصف اڪبر واضح لفظن ۾ چيو آهي ته سندن ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڀارت نه ويندي.
بي سي بي ڊائريڪٽر آصف اڪبر ڀارت جي حوالي سان سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته اسان عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه وينداسين.
سندس چوڻ هو ته آءِ سي سي جو سريلنڪا يا بنگلاديش کي وينيو طور سليڪٽ ڪرڻ الڳ معاملو آهي، پر اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت نه وينداسين، ڇو ته اتي اسان محفوظ ناهيون.
واضح رهي ته آءِ پي ايل جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان کي ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي هدايتن تي اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ ٻنهي بورڊن وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري چڪا آهن.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ آچر ڏينهن هنگامي اجلاس سڏائيندي پنهنجي ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته سومر ڏينهن بنگلاديش ۾ آءِ پي ايل ميچن جي نشريات تي به پابندي مڙهي وئي هئي.
You might also like