مون کي ويرات ڪوهليءَ مايوس ڪيو: سنجي منجريڪر

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر، ڪامينٽيٽر ۽ تجزيي نگار سنجي منجريڪر کيس ان ڳالهه تي مايوسي ٿي آهي جو ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کانپوءِ هر طرز جي ڪرڪيٽ رٽائرمينٽ وٺڻ بدران ون ڊي کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو.
هڪ بيان ۾ سنجي منجريڪر چيو ته جوءِ روٽ، اسٽيو سمٿ ۽ ڪين وليمسن جهڙا رانديگر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي نالي کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ويرات ڪوهلي جيڪڏهن هر طرز جي ڪرڪيٽ کان ڌار ٿي وڃي ها ته اهو فيصلو سمجهه ۾ اچي ها.
هن وڌيڪ چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ ٽاپ آرڊر بيٽر لاءِ سڀ کان سولو فارميٽ آهي ۽ ويرات ڪوهلي جو ون ڊي جاري رکڻ وارو فيصلو کيس وڌيڪ مايوس ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.