ڇا توهان بيمار آهيو؟ آئينو سڀ ٻڌائيندو

ننڍپڻ جي ڪهاڻين ۾ شايد توهان اهڙي جادوئي آئيني بابت پڙهيو هجي جيڪو مستقبل جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي، هاڻي ائين ڪنهن حد تائين ممڪن ٿي ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ توهان جي صحت جي مستقبل بابت ٻڌائيندڙ آئينو تيار ڪيو ويو آهي.
هڪ ڊجيٽل هيلٿ ٽيڪنالاجي ڪمپني نيورالوجڪس Longevity مرر نالي ڊيوائس تيار ڪئي آهي.
هن آئيني کي هڪ سيلفي ڏيو ۽ پوءِ اهو آرٽيفيشل انٽيليجنس( اَي آءِ ) ٽيڪنالاجي استعمال ڪري توهان جي صحت جو تجزيو ڪندو ۽ مستقبل جي صحت بابت ڊيٽا فراهم ڪندو.
اِهو سمورو عمل رڳو 30 سيڪنڊن ۾ مڪمل ٿي ويندو.
ان آئيني کي لاس ويگاس ۾ جاري ڪيل ڪمنزيومر اليڪٽرونڪس شو جي موقعي تي پيش ڪيو ويو ۽ ڪمپني موجب ان سان ماڻهن کي ڊگھي مدي وارن بنيادن تي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ ۾ مدد ملندي.
هي آئينو عام وڪري لاءِ پڻ پيش ڪيو پيو وڃي ۽ ان ۾ Transdermal آپٽيڪل اميجنگ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي.
هيءَ ٽيڪنالاجي صحت سان لاڳاپيل نشانين کي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿي.
هڪ سيلفي وڊيو استعمال ڪندي هيءَ ٽيڪنالاجي چهري تي رت جي وهڪري جو تجزيو ڪري ٿي ۽ 30 سيڪنڊن ۾ نتيجا واهپيدار وٽ پهچن ٿا.
هي آئينو دل، ميٽابولزم، دماغي دٻاءُ ۽ ٻين رخن جو جائزو وٺي ٿو ۽ پوءِ هر پهلوءَ بابت 0 کان 100 تائين اسڪور ڏئي ٿو، جنهن ذريعي اِهو اشارو ملي ٿو ته مستقبل ۾ توهان جي صحت ڪيئن ٿي سگهي ٿي.
ڪمپني موجب، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالاجي وارن ماڊلز کي لکين مريضن جي ڊيٽا سان تربيت ڏني وئي آهي، جنهن ذريعي هاڻي اِهي ايندڙ 20 سالن جي طبي خطرن بابت اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا.
هڪ آئيني ۾ 6 پروفائل ٺاهڻ ممڪن هوندو، جيڪو هڪ ڪٽنب لاءِ ڪافي آهي، ان جي قيمت 900 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هي ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ دستياب هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.