پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

ڊمبولا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ڊمبولا ۾ رٿيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن جي ڪپتان سيريز کان اڳ اڄ ٽرافي جي مهورت ڪئي.
پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کان اڳ هيءَ سيريز اسان لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.
سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان داشن شاناڪا چيو ته اسان پاڪستان خلاف سيريز ڀرپور تيار ڪئي آهي ۽ هاڪاري نتيجن لاءِ پراميد آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.