دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ظابطن جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر نسيم شاهه آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي چوٿين سيزن جي فائنل ۾ ايم آءِ ايمريٽس خلاف ميچ دوران ليول ون ڀڃڪڙي تي ميچ جو ڏهه سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو.
نسيم شاهه کي آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊيٽ جي آرٽيڪل 2.5 جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث قرار ڏنو، جيڪو آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بيٽر کي چڙ ڏيارڻ يا توهين جوڳي رويي، ٻولي يا اشارن بابت آهي.