ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستاني پسمنظر ۽ پاسپورٽ رکندڙ ڪرڪيٽر ڏچي ۾ پئجي ويا

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني پسمنظر ۽ پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ڪرڪيٽر آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ ڀارتي ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ذريعن موجب، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندڙ پنج ٽيمن جي بورڊن آءِ سي سي سان رابطو ڪري ورتو، پر ان معاملي تي نه آءِ سي سي طرفان ڪو جواب مليو آهي ۽ نه ئي ڀارتي بورڊ آءِ سي سي کي ڪائي خاطري ڪرائي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارتي ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ ڪرڪيٽرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن ۾ يو اي اي، عمان، اٽلي، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي ٽيمن ۾ شامل پاڪستاني پسمنظر ۽ گرين پاسپورٽ رکندڙ ڪرڪيٽر پڻ شامل آهن.
ذريعن موجب، ڄاڻايل ٽيمن جي بورڊن پاڻ ۾ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ بورڊن طرفان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطي باوجود بورڊن ڪو به تسلي بخش جواب ناهي مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ان حوالي سان آءِ سي سي کي ڪو به واضح جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته ماضي ۾ به پاڪستاني پسمنظر رکندڙ ڪرڪيٽرن کي ڀارتي ويزائون حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون هيون.
ماضي جي واقعن سبب ايسوسيئيٽ ملڪن جا بورڊ سخت پريشان آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن رڳو پاڪستاني پسمنظر رکندڙ ڪرڪيٽرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ڪرڪيٽرن لاءِ حالتون وڌيڪ ڳنڀير ٿي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.