ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ به في تولو سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 3200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 67 هزار 962 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڏهه گرام سون 2743 رپيا واڌ سان 4 لک 1 هزار 201 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 32 ڊالر اضافي سان 4456 ڊالر ٿي وئي آهي.
You might also like