راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌريءَ جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا 80 سيڪڙو واقعا خيبرپختونخو ۾ ٿيا، جنهن جو ڪارڻ اهو آهي ته ڪي پي ۾ دهشتگردن کي سازگار سياسي ماحول فراهم ڪيو ويندو آهي، جڏه ته گذريل سال پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي 10 وڏن واقعن ۾ افغان شهري ملوث هئا.
اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن گذريل سال دوران سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل سال پاڪستاني فوج دهشتگردي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيا.
هن ٻڌايو ته گذريل سال سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس بنياد تي 75 هزار آپريشن ڪيا ويا ۽ دهشتگردي جا 5400 واقعا پيش آيا، جنهن ۾ 1235 قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ عام شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته 2597 دهشتگرد به ماريا ويا.
سندس چوڻ هو ته ”فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جو ڳڙهه افغانستان ۾ آهي ۽ هڙئي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ موجود آهن، جتي انهن جي پرورش ڪئي پئي وڃي.“
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جعفر ايڪسپريس، ايف سي هيڊڪوارٽرز بنون، ڪيڊٽ ڪاليج وانا سميت دهشتگردي جي ٻين حملن بابت چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي 10 وڏن واقعن ۾ افغان شهري ملوث هئا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر اهو به چيو ته افغانستان سڄي دنيا جي دهشتگردن لاءِ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته ”اتي سڄي دنيا جي دهشتگردن لاءِ پناهه گاهه بڻجي چڪي آهي، القاعده، داعش جا دهشتگرد اتي موجود آهن، بي ايل اي به اتي آهي، جڏهن ته شام مان به اڍائي هزار دهشتگرد افغانستان پهتا آهن، جيڪي اتي وڙهي رهيا هئا.“
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته گذريل سال دهشتگردي سان لاڳاپيل واقعن جو گڏيل جائزو ورتو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن، دهشتگردن جو پاڪستان، اسلام ۽ بلوچستان سان ڪو به واسطو ناهي، دنيا پاڪستان جي دهشتگردي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ سڄي قوم جي جنگ آهي ۽ اهو بلڪل واضح آهي ته دهشتگردي خلاف هي جنگ اسان کي طاقت سان کٽڻي آهي.
سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي سڀني سياسي جماعتن جو اتفاق آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي، خارجين بابت الله جو حڪم آهي ته جتي به ملن کين ماري ڇڏيو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ 7 ڏهائي 2 ارب ڊالر جو جديد ترين هٿيار ڇڏي ويو، افغان طالبان پنهنجي تنظيمي طرز تي ٽي ٽي پي کي تيار ڪن ٿا، افغان طالبان وار اڪانومي هلائڻ لاءِ دهشتگردي کي اسپانسر ڪن ٿا، پاڪستان ۾ دهشتگردي هندستان جي سرپرستي ۾ ٿي رهي آهي، طالبان اتي پنهنجي عملداري قائم ڪري رهيا آهن ۽ هتي انهن جي سيٽلمينٽ شروع ٿئي ٿي.
هن چيو ته جڏهن اسان دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون ته اهو چيو ويو ته انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، 2023ع ۾ پاڪستاني رياست دهشتگردن خلاف بيهي رهي، سوال ڪيو وڃي ٿو ته 5397 تمام وڏو انگ آهي، ها، اهو واقعي وڏو انگ آهي، روزاني بنياد تي ايترا آپريشن ڪيا وڃن ٿا، زندگي ۾ ڪجهه شيون اهڙيون به هونديون آهن جن لاءِ وڙهڻ نه رڳو ضروري پر جائز به هوندو آهي، اسين دهشتگردن کي هر هنڌ انگيج ڪري رهيا آهيون.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دنيا ڏٺو ته حق جي مقابلي ۾ هندستان جو منهن ڪارو ڪيو ويو، ”معرڪاءِ حق“ کانپوءِ هندستان دهشتگردي کي وڌيڪ هوا ڏني، آڪٽوبر 2025ع ۾ دهشتگردن پاڪ-افغان سرحد تي حملا ڪيا ۽ ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ درجنين افغان پوسٽن جو نالو نشان ئي ختم ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته هندستان جڙتو ”آپريشن سندرو“ ۾ ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو، هندستان ڪير آهي جو اسان جي ڪنهن به شهري کي نشانو بڻائي؟ ڪنهن به هندستان کي اهو حق ناهي ڏنو ته هو پاڪستان جي ڪنهن به شهري يا انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهچائي، آپريشن سندور جي ڪارنهن اڃا تائين هندستان جي منهن تان نه لٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان افغانستان ۾ ٽي ٽي پي کي نشانو بڻايو، ڪي ٽي ٽي اي کي نه، اسان وٽ مڪمل ثبوت موجود آهن ته ڪهڙا ڪهڙا دهشتگرد آهن ۽ ڪٿي ڪٿي کين پناهه ڏني پئي وڃي، بنيادي ٽارگيٽ ڪير آهي، جيڪڏهن ان تي نظر وجهجي ته 10 وڏا واقعا سامهون اچن ٿا، دهشتگردن سولين ۽ سافٽ ٽارگيٽن تي حملا ڪيا ۽ اهي دهشتگرد حملا افغانين طرفان ڪيا ويا.
پختونخوا ۾ دهشتگردن کي سازگار سياسي ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي: پاڪ فوج جو ترجمان
You might also like