ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشت گردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي صوبائي گهرو وزير ضيءُ الحسن لنجار چيو آهي ته رئيس ڳوٺ ۾ دهشت گرد نيٽورڪ خلاف سيڪيورٽي ايجنسين ۽ سي ٽي ڊي اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، شروعاتي ڪارروائي دوران پهريون هڪ دهشت گرد گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نشاندهي تي ٻيا ٻه ساٿي به گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته مڪمل نيٽورڪ اڃان قانون جي گرفت ۾ ناهي آيو، جيئن انٽيليجنس ايجنسيون، سي ٽيڊي ۽ اسپيشل برانچ پيشيوارڻي مهارت سان ڪم ڪري رهيون آهن، اميد آهي ته سمورا نيٽ ورڪ جا دهشت گرد پڪڙيا ويندا، ائيرپورٽ تي چيني شهرين تي حملي کان پوءِ سڀني سڪيورٽي ۽ انٽيليجنس ادارن کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي، ۽ مختلف وقتن تي دهشتگرد عناصر جي شڪست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پيو وڃي، بلوچستان ۾ به سيڪيورٽي ادارا، اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ آءِ بي گڏجي دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکيا آهن، جوائنٽ آپريشنز تحت گرفتاريون ۽ ڪارروايون مسلسل جاري آهن ۽ جڏهن ته خطرا موجود آهن، ڪراچي جيئن ته ملڪ جو انتهائي اهم شهر ۽ تجارتي مرڪز آهي، ان جي تحفظ کي ترجيح ڏني وئي آهي، الحمدلله ائيرپورٽ حمله کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪا وڏي دهشتگردي وارو واقعو پيش نه ٿيو، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انٽيليجنس ايجنسيون، سي ٽي ڊي ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا هر وقت متحرڪ آهن ۽ بروقت ڪارروايون ڪري رهيا آهن، گرفتار دهشت گردن جا سويلين هدف هئا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ کانپوءِ واضح ٿيندو ته ڪهڙن علائقن يا هنڌن کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو هو، دهشت گردن جي بروقت گرفتاري سان ڪراچي هڪ وڏي امڪاني تباهي کان بچي ويو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ ڌماڪا خيز مواد برآمد ٿيڻ بعد گرفتار دهشتگردن جي نشاندهي تي وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ٿيلن ۾ عورتون پڻ شامل آهن، سڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪا خيز مواد جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان مختلف هنڌن تان خريد ڪيو ويو، جڏهن ته دهشتگردن پاران ڪيترن مهينن کان منصوبا بندي جاري هئي، ڌماڪيدار مواد هٿ اچڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو، جيڪو سي ٽي ڊي ۾ سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ دهشت گردي ۽ ايڪسپلوزو ايڪٽ جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، ڪيس ۾ ڪالعدم بي ايل اي جي ڪمانڊر بشير زيب ۽ سندس ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي.