ٽرمپ جون ڌمڪيون، وطن خاطر هٿيار کڻڻ لاءِ تيار آهيان:ڪولمبيا جو صدر

بگوٽا (م ڊ) ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيٽرو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين جي جواب ۾ هٿيار کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صدر پيٽرو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر طرفان ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو ته هو ملڪ جي بچاءَ لاءِ هٿيار کڻڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هن اڳ ۾ هٿيار نه کڻڻ جي قسم کنئي هئي، پر وطن خاطر هڪ ڀيرو ٻيهر هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو. هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا فوجي ڪارروائي ذريعي پاڙيسري ملڪ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي حراست ۾ ورتو آهي. ياد رهي ته صدر ٽرمپ ڪولمبيا جي صدر کي خبردار ڪندي کيس توهين آميز لفظن ۾ بيمار ماڻهو قرار ڏنو هو ۽ چيو هو ته ڪولمبيا منشيات جي واپار ۾ ملوث آهي. صدر پيٽرو پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪولمبيا جي منشيات جي خاتمي واري پاليسي مضبوط آهي، پر فوجي طاقت جي استعمال جي به حد هئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.