بيجنگ(م ڊ) چين جو چوڻ آهي ته وينزويلا ۾ صورتحال ۾ تبديلي جي باوجود، تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، ۽ وينزويلا ۾ چين جي مفادن جو تحفظ قانون جي ذريعي ڪيو ويندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاران طاقت جو استعمال لاطيني آمريڪا جي امن لاءِ خطرو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زور ڏنو آهي ته سڀني ڌرين کي استحڪام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته هو ٻئي ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪن ٿا اهي بدمعاشي جي عمل جي مخالفت ڪن ٿا.