نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس وينزويلا جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وينزويلا ۾ 3 جنوري تي فوجي ڪارروائي ۾ بين الاقوامي قانون جو احترام نه ڪيو ويو. وينزويلا جي صورتحال تي بحث ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس جي ايجنڊا ۾ بين الاقوامي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرن تي غور ڪرڻ شامل آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو بيان پڙهي ٻڌايو ويو. پنهنجي بيان ۾، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي ۾ بين الاقوامي قانون جو احترام نه ڪيو ويو، وينزويلا جو صدر ۽ سندس زال آمريڪي حراست ۾ آهن، ۽ وينزويلا ۾ عدم استحڪام پکڙجڻ ۽ علائقي تي اثر پوڻ جو خطرو آهي. هن چيو ته سڀني ڌرين کي گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، ۽ ڌرين کي هڪ جامع ۽ جمهوري ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ گهرجي، ته جيئن سماج جا سڀئي طبقا پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي بيان ۾ چيو ته امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سڀني لاڳاپيل قانوني فريم ورڪ جو احترام ضروري آهي، ۽ رياستن جي خودمختياري، سياسي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي اصولن جو احترام ضروري آهي. يورپي يونين جي نمائندي چيو ته ڪنهن به ملڪ خلاف ڪارروائي لاءِ عالمي قانون جي پاسداري لازمي آهي. ڌريون جامع ڳالهيون شروع ڪن.آمريڪي نمائندي چيو ته وينزويلا تي قبضو نه پيا ڪيون. عوام لاءِ امن جا خواهشمند آهيون. وينزويلا جي نمائندي چيو ته آمريڪي قانوني غير قانوني آهي، آمريڪا آڏو نه جهڪنداسين. هن چيو ته هاڻ به حڪومت اسان جي وس ۾ آهي، سمورا ادارا بهتر نموني هلي رهيا آهن. چيني نمائندي چيو ته وينزويلا خلاف آمريڪي قدمن جي مذمت ڪيون ٿا.