راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي فضائي فوجن وچ ۾ دفاعي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب بنگلاديش فضائيا جي سربراهه حسن محمود خان جي ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، ايئر چيف ظهير احمد بابر سڌو سندس آجيان ڪئي ۽ بنگلاديش فضائيا لاءِ گڏيل تربيتي سهڪار جي خاطري ڪرائي.
آءِ ايس پي آر موجب سپر مشاق ٽرينر جهازن جي تيز رفتار فراهمي ۽ ڊگهي مدي جي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، بنگلاديش فضائيا جي پراڻي فليٽ مينٽيننس ۽ ايئر ڊفينس ريڊار سسٽمز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جي ايف – 17 ٿنڊر جهازن جي امڪاني خريداري تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، بنگلاديشي وفد نيشنل آءِ ايس آر، سائبر ڪمانڊ ۽ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجي پارڪ جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ – بنگلاديش دفاعي لاڳاپن کي ڊگهي مدي جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like