اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ خلاف ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سيل اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، رپورٽن موجب هي ڪيس فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد، عبدالظهور ۽ خالد منير خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جعلي دستاويزن ذريعي زمين منتقلڪرڻ جا الزام لڳايا ويا، ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ۾ داخل ڪيل ڪيس موجب نجف حميد، جيڪو ان وقت تپيدار هو ۽  روينيو آفيسر عبدالظهور کي نامزد جوابدار بڻايو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن ملي ڀڳت سان جعلي فوتي دستاويزن ذريعي قيمتي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي، جاچ دستاويزن موجب  جوابدارن تي الزام آهي ته هنن هڪ ڪُنال قيمتي زمين جعلي طريقن سان منتقل ڪرائي، جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.