علمي سرمايو: پاڪستان ۽ سنڌ جي صورتحال

تحرير: محمد احسان لغاري

ذهني پيداواري صلاحيت جو تصور

جديد معاشيات ۾ هاڻي اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪنهن ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار رڳو ان جي قدرتي وسيلن، سون، چاندي يا وڏن ڪارخانن تي ناهي، پر ان جي دولت ان ملڪ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ لڪل آهي۔ ماڻهن جون فني صلاحيتون، ڄاڻ، سوچڻ سمجهڻ جي قوت ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت جھڙن گڻن جو گڏيل نالو ئي ”علمي يا ڄاڻ وارو سرمايو“ (Knowledge Capital) آهي۔ اهو حقيقي سرمايو آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ ۽ قوم کي معاشي خوشحاليءَ جي بلندين تائين پھچائي ٿو۔

معاشي ماهرن ايريڪ هانوشڪ ۽ لڊگر ووئسمن ڏھ سال اڳ لکيل پنهنجي مشهور ڪتاب “The Knowledge Capital of Nations” ۾ هڪ اهم نقطو اٿاريو آهي: ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اهو اهم ناهي ته ٻار اسڪول ۾ ڪيترا سال گذاري ٿو، پر اهم اهو آهي ته ان عرصي دوران هن ”سکيو“ ڇا آهي۔ ھو ان ڳالھه تي زور ڀرين ٿا ته اسڪول وڃڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ ٻه جدا ڳالهيون آهن۔ جيڪڏهن تعليمي نظام رڳو ڊگريون ورهائي رهيو آهي ۽ ٻارن ۾ رياضي، سائنس ۽ منطقي سوچ پيدا نٿو ڪري، سوال ڪرڻ جي صلاحيت کي روڪي ٿو ته اهو نظام ملڪي معيشت ۾ ڪو به ھاڪاري واڌارو نه ڪري سگهندو۔

عالمي تناظر: سکيا ۽ معاشي واڌ جو تعلق

ليکڪن عالمي سطح تي شاگردن جي صلاحيتن کي پرکڻ وارن امتحانن، جهڙوڪ PISA ۽ TIMSS جي نتيجن جو تقابلي جائزو وٺندي اهو ثابت ڪيو آهي ته جن ملڪن جي تعليمي نظام ۾ سکيا جو معيار بلند آهي، انهن جي معاشي ترقيءَ جي رفتار به تيز آهي۔ انهن جي تحقيق مطابق، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو سراسري امتحاني اسڪور 100 پوائنٽون وڌي وڃي ته ان ملڪ جي سالياني معاشي واڌ (GDP) ۾ لڳ ڀڳ 2 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو۔

هتي لاطيني آمريڪا جو مثال اسان لاءِ هڪ وڏو سبق آهي۔ انهن ملڪن ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي شرح ته تمام گهڻي رهي آهي، پر اتي معاشي ترقي اڃا تائين سست آهي۔ ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اتي تعليم جو معيار ڪمزور رهيو، جنهن ڪري ”علمي سرمايو“ پيدا نه ٿي سگهيو۔ ان جي ابتڙ، اوڀر ايشيا جي ملڪن، جهڙوڪ ڏکڻ ڪوريا، تعليمي معيار تي سمجههوتو نه ڪيو۔ اتي ٻارن ۾ جديد مهارتون پيدا ڪيون ويون، جنهن جي ڪري اهي ملڪ اڄ دنيا جي ترقي يافته معيشتن ۾ شمار ٿين ٿا۔ عالمي پرک جي امتحانن ۾ PISA (پروگرام فار انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ اسيسمينٽ)اھڙو عالمي پروگرام آهي جيڪو 15 ورهين جي شاگردن جي پڙهڻ (Reading)، رياضي ۽ سائنسي علم کي روزاني زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت کي جانچيندو آهي۔ جڏھن ته TIMSS (ٽرينڊز ان انٽرنيشنل ميٿميٽڪس اينڊ سائنس اسٽڊي) جو امتحان چوٿين ۽ اٺين درجي جي ٻارن جي رياضي ۽ سائنس جي مهارتن کي عالمي معيارن مطابق جاچيندو آهي۔

پاڪستان جي صورتحال: هڪ ڳنڀير چئلينج

پاڪستان لاءِ هيءَ صورتحال انتهائي چتاءُ واري آهي۔ اسان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي پر ان جي مقابلي ۾ اسان جو علمي سرمايو انتهائي گهٽ آهي۔ پاڪستان جڏهن 2019ع ۾ عالمي امتحان TIMSS ۾ شرڪت ڪئي، ته نتيجا حيران ڪندڙ هئا۔ چوٿين درجي جي ٻارن رياضيءَ ۾ 328 ۽ سائنس ۾ 290 نمبر کنيا، جڏهن ته عالمي معيار 500 پوائنٽون آهي۔ ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جا ٻار نه رڳو پٺتي آهن، پر عالمي سطح جي مقابلي کان ڪافي پري آهن۔ عالمي بئنڪ جو ”هيومن ڪيپيٽل انڊيڪس“ پاڪستان کي 0۔4 جو اسڪور ڏئي ٿو، جنهن جو سڌو مطلب اهو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جڏهن جوان ٿيندو، ته هو پنهنجي پيداواري صلاحيت جو رڳو 40 سيڪڙو استعمال ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ ته کيس صحت ۽ تعليم جون اهي سهولتون نه مليون جيڪي کيس ملڻ گھربيون هيون۔ 2025-26 جي معاشي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي واڌ جي شرح 3 سيڪڙو جي ويجهو آهي، جيڪا اسان جي وڌندڙ آباديءَ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي۔

سنڌ جو بحران: هڪ تجزيو

پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ سنڌ جي صورتحال سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ واري نظر اچي ٿي۔ سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪن دوران اسڪولن جون عمارتون ته تعمير ڪيون ويون، پر ”سکيا“ جو عمل مسلسل پوئتي پيل رهيو آهي۔  (ASER ) اينيول اسٽيٽس آف ايجوڪيشن رپورٽ۔ تعليم جي سالياڻي ڪارڪردگي واري رپورٽ مطابق، سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ تعليمي ايمرجنسي واري حالت آهي۔ جڏهن پنجين درجي جو ٻار کي ٻئي درجي جو سنڌي يا اردو متن پڙهڻ نه ايندو هجي، ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان جو پورو تعليمي نظام رڳو هڪ ظاهري ڏيکاءُ بڻجي رهجي ويو آهي۔ سنڌ ۾ اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو وڏو انگ (لڳ ڀڳ سٺ کان ستر لک) رڳو تعليمي ناڪامي ناهي، پر اهو اسان جي مستقبل جي معيشت تي هڪ وڏو بار آهي۔ شهري ۽ ٻھراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ موجود وڏو فرق سماجي بيچينيءَ کي جنم ڏئي رهيو آهي۔ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه علائقن کي ڇڏي، پوري سنڌ ۾ سرڪاري تعليمي نظام سياسي مداخلت، استادن جي غير حاضري ۽ نگرانيءَ جي کوٽ سبب سٺا نتيجا ڏيڻ کان وانجھيل آھي۔ سنڌ حڪومت ڪئي اھم ھاڪاري قدم کنيا آھن، استادن جون ميرٽ تي ڀرتيون ٿيون آھن؛ پر تعليم کاتي جو ادارتي ڦھلاءُِ ڄڻ انتظامي بھتري جي ھر عمل کي بي سود ڪريو ڇڏي!

بهتريءَ لاءِ عملي تجويزون ۽ مضبوط حڪمت عملي

هيٺيان بنيادي سڌارا آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ سان بھتري اچي سگھي ٿي:

 تعليم جي معيار تي ڌيان ڌرڻ: اسان کي رڳو اسڪولن ۾ ٻار داخل ڪرڻ تائين محدود نه رهڻ گهرجي۔ اسان جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته هر ٻار پنهنجي درجي جي مناسبت سان رياضي، سائنس ۽ ٻوليءَ تي پوري مهارت رکي۔ ان لاءِ هر سال آزاداڻي سطح تي ”لرننگ/ سکيا جو آڊٽ“ ڪيو وڃي۔

استادن جي ميرٽ تي ڀرتي ۽ تربيت: تعليمي نظام تڏهن ئي سڌري سگهي ٿو جڏهن استاد قابل هجن۔ استادن جي مقرري سياسي اثر کان پاڪ ۽ خالص ميرٽ تي هجڻ گهرجي۔ ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت بھتر قدم کنيا آھن؛ پر تعليم جي ادارتي ڍانچي ۾ استاد وچٿرو عنصر نظر اچي رهيو آھي ۽ ٻيا عملداري گھاڙيٽا ڳرا ٿي پيا آھن۔

ان سان گڏوگڏ، استادن لاءِ جديد تدريسي طريقن (Pedagogy) جي تربيت کي لازمي بڻايو وڃي۔

ڊجيٽل لٽريسي ۽ جديد مهارتون: اڄوڪي دور ۾ رڳو روايتي تعليم ڪافي ناهي۔ هر اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليبارٽريون هجڻ گهرجن ۽ ٻارن کي ڪوڊنگ، AI ۽ ڊيٽا سائنس جهڙن جديد شعبن جي بنيادي ڄاڻ ڏني وڃي ته جيئن هو عالمي مارڪيٽ (Global Market) ۾ مقابلو ڪري سگهن۔

بجيٽ جو موثر استعمال: تعليم لاءِ مختص ڪيل بجيٽ جو وڏو حصو رڳو پگهارن ۽ عمارتن جي تعمير تي خرچ نه ٿيڻ گهرجي، پر ان جو هڪ خاص حصو تعليمي مواد، ليبارٽرين، لائبريرين ۽ تحقيق تي خرچ ٿيڻ گهرجي۔ شفافيت لاءِ بجيٽ جي خرچ جو ڊجيٽل رڪارڊ پبلڪ ڪيو وڃي۔

مادري ٻوليءَ ۾ تعليم: ٻارن جي ذهني اوسر لاءِ ضروري آهي ته شروعاتي تعليم کين پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي ته جيئن سندن تصور (Concepts) واضح ٿين۔ ٻوليءَ کي رڪاوٽ بدران ذريعو بڻايو وڃي۔

بقا ۽ خوشحاليءَ جو واحد رستو

پاڪستان ۽ خصوصاً سنڌ وٽ هاڻي وڌيڪ وقت ناهي۔ علمي سرمايو ڪو اختيار ناهي پر بقا جو واحد ذريعو آهي۔ هانوشڪ ۽ ووئسمن جي تحقيق اسان کي ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن اسان اڄ پنهنجي تعليمي نظام کي نتيجن تي ٻڌل نه بڻايو، ته اسان ايندڙ نسل کي غربت ۽ بدحاليءَ جي حوالي ڪري ڇڏينداسين۔ 2026ع جو سال اسان لاءِ هڪ موقعو آهي ته اسان پنهنجي ترجيحن کي تبديل ڪريون ۽ تعليم کي هڪ سياسي نعري بدران هڪ قومي منصوبي طور کڻون۔ علم، سکيا ۽ ڄاڻ ئي اصل دولت آهي، ۽ اها دولت ئي اسان جي ايندڙ نسلن جي تقدير بدلائي سگهي ٿي۔ باقي بورڊن مان پئسن تي پاس ٿي  اسان جھالت جا اعلي سرٽيفيڪٽ وٺي، پنھنجا ھٿ پير وڍي رھيا آھيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.