امريڪا جو جنگي حملو: وينزويلا سان ويڙھ يا چين سان؟

تحرير: ياسر قاضي

امريڪي فوجَ، 3 ڏينھن اڳ، 3 جنوري 2026ع تي وينزويلا تي حملو ڪيو آهي. جنھن بعد اتان جي صدر ’نڪولاس ميڊورو‘ ۽ سندس زال ’سليا فلوريز‘ کي اغوا ڪري کين نيو يارڪ آندو ويو آهي. جتي انھن تي بظاھر ڪوڪين سمگلنگ سان لاڳاپيل’نارڪو ٽيرورزم‘ (منشيات منتقل ڪرڻ جي دهشت) جا الزام هنيا ويا آهن. هن بدمعاشيءَ تي ٻڌل آپريشن جو نالو ’ايبسوليُوٽ ريزولو‘ (حتمي حلُ) رکيو ويو، جنھن ۾ هوائي حملا ۽ وينزويلا جي راڄڌانيءَ ’ڪيرڪاس‘ تي هڪ وڏو حملو ڪيو ويو آهي. جنھن دؤران ڪيوبا جا 32 جي لڳ ڀڳ آفيسر ۽ وينزويلا جا ڪيترا ئي سيڪيورٽي اهلڪار مؤت جو گرھه بڻجي ويا آهن.

هن حملي جا گهڻ رُخا سبب ٿي سگهن ٿا. جن مان ڪجهه ظاھري سبب آهن ته ڪي ڳجها مقصد به آهن. ظاھري سببن منجهان هڪ سبب وينزويلا جي تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته وينزويلا وٽ هن وقت دنيا جا سڀ کان وڏا تيل جا ذخيرا آهن ۽ امريڪا چاهي ٿو ته انھن وسيلن تي پورو ڪنٽرول حاصل ڪري. هن قبضي ۽ حملي جو هڪ ٻيو مضبوط سبب وينزويلا جي حڪومت مَٽائڻ (رجِيم چينج) به آهي. امريڪا جو مقصد وينزويلا ۾ اهڙي سرڪار قائم ڪرڻ آهي، جيڪا سندس مفادن جي حفاظت ڪري. هي عالمي دهشتگرد (امريڪا) وينزويلا ۾ سوشلسٽ مخالف حڪومت قائم ڪرڻ گهري ٿو. ٽرمپ انتظاميه ڊگهي عرصي کان وينزويلا جي سوشلسٽ حڪومت جي مخالفت ڪندي آئي آهي ۽ مٿس ”نارڪو ــ رياست“ (منشيات جي رياست) جو الزام هڻندي آئي آهي. انڪري تازن حملن جي سببن منجهان هڪ اهم سبب حڪومت جي تبديلي به ٿي سگهي ٿو.

هن حملي جو ممڪنه طور تي وڌ ۾ وڌ فائدو ڪير ماڻي سگهي ٿو؟ منھنجي خيال ۾ ان جو فائدو حاصل ڪندڙ ٻه ٽي ڌريون ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته امريڪي تيل ڪمپنيون، وينزويلا جي تيل جي ذخيرن تائين رسائي حاصل ڪري انھن تي قبضو ڪري وٺنديون. ٻيون فائدو وينزويلا جي مخالفت ڪندڙ اڳواڻن کي ملندو ۽ ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته هن سال امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ وينزويلائي مخالف ڌُر اڳواڻ ’ماريا ڪورينا ماچادو‘ شايد هن صورتحال ۾ وينزويلا جو اقتدار ماڻي سگهي ٿي. هوءَ نوبل انعام ماڻڻ کانپوءِ پنھنجي خيالن جي اظھار ۾ ٽرمپ کي هونئن ئي ساراهي چڪي آهي ۽ گڏوگڏ پاڻ کي سندس ’پوئلڳ‘ ظاھر ڪري چڪي آهي. انڪري هن صورتحال ۾ وينزويلائي ’رجِيم چينج‘ ٿيڻ جي صورت ۾ سندس حڪومت ۾ اچڻ جي امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. البته هن ڦڏي واري صورتحال جو وڏي ۾ وڏو فائدو ته پڪ سان ٽرمپ حڪومت کي ئي ٿيڻو آهي، جيڪو وينزويلا کي زير ڪرڻ ۽ مٿس قبضو ڪرڻ سان لاطيني امريڪا ۾ پنھنجو اثر رسوخ يقيني طور تي وسيع ڪري سگهي ٿو، بشرطيڪه ايندڙ ڏينھن ۾ به صورتحال سندس ضابطي ۾ رهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ هڪ پيچيده صورتحال آهي ۽ امريڪي حملي جي جائز هجڻ نه هجڻ بابت به دنيا جي راءِ ورهايل آهي ۽ دنيا ۾ ان حملي کانپوءِ امريڪا تي سخت تنقيد به ٿي رهي آهي. انڪري امريڪا کي پنھنجا فائدا ماڻڻ لاءِ مسلسل حرفت مان ڪم وٺڻو پوندو. جيڪو امن پسند دنيا لاءِ پڪ سان ڪو سٺو سنوڻ نه هوندو.  پر هن سڄي صورتحال جو هڪ ٻيو رُخ به آهي، جيڪو پڻ ڏسڻ ضروري آهي.

امريڪا پاران تيل جا ذخيرا رکندڙ ملڪن تي حملو ڪرڻ ڪا نئين ڳالھه ڪانھي. هو گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان وٺي انھن ملڪن کي پنھنجو ڳيجهو بڻائڻ چاھيندو رھيو آهي، جن وٽ تيلَ جا ذخيرا هوندا آهن ۽ اهو به سچ آهي ته هن وقت وينزويلا تيل جي ذخيرن جي لحاظ کان دنيا جو ذرخيز ترين ملڪ آهي. پر هن ڀيري امريڪا جي وينزويلا تي حملي جو ڪارڻ ڪو ٻيو آهي. ڇاڪاڻ ته اها ڳالھه هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو ته تيل هن وقت دنيا جو پنھنجي اهميت وڃائيندڙ اثاثو آهي ۽ تيل جا ذخيرا مسلسل گهٽجڻ سبب ۽ دنيا جي توانائيءَ جي ٻين ذريعن ڏانھن تيزيءَ سان منتقل ٿيڻ سبب هاڻي تيل جي اهميت به ڏينھن به ڏينھن گهٽجي رهي آهي ۽ ڪوبه ملڪ (خاص ڪري امريڪا جھڙو چالاڪ ملڪ) ڪڏهن به هڪ اھميت وڃائيندڙ اثاثي لاءِ جنگ ڪونه وڙھندو. ايندڙ عالمي اقتصاديات جو انحصار تيل جھڙين معدنيات تي نه پر ”حساس معدنيات“ (Critical Minirals) ۽ ’صنعتي ڌاتو‘ (Industrial Metal) تي ٿيڻ وارو آهي. جن ٻنھي تي امريڪا جي سڀ کان وڏي مدِمقابل ۽ حريفَ چين جو قبضو آهي ۽ ٽرمپ کي اهڙو مستقبل هرگز نه کپي، جتي امريڪا جون صنعتون چين جي ’پروسيسسنگ‘ تي ۽ سندس دفاع چين پاران ملندڙ ڌاتُن تي منحصر هجي.

ته پوءِ ان صورتحال ۾ امريڪا وٽ هاڻي فقط هڪڙو ئي رستو بچي ٿو ته هو ”حساس معدنيات“ جي ذريعن جو ئي خاتمو ڪري ڇڏي، ته جيئن اهي چين وٽ پھچي ئي نه سگهن. ياد رهي ته انھن حساس معدنيات جو سڀ کان وڏو ذريعو ڏکڻ امريڪا جي ’اسپيني سرزمين‘ يا ’اسپيني ويسٽ اينڊيز‘ وارو تـرُ (جن کي ڪي ڏکڻ امريڪا جو ”انڊِيز“ وارو علائقو به چون ٿا) آهي. جتي چئن ملڪن (ڪولمبيا، ايڪواڊور، پيرُو ۽ بولِيوويا) سان گڏ ڪجهه حصا وينزويلا جا به آهن. هاڻي ان تر ۾ هڪ دلچسپ حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽامو (Copper) پيدا ڪندڙ ملڪ، ان ئي علائقي جو ”پيرُو“ آهي. پر جيئن ته ٽامي جي صنعتي تياريءَ (پروسيسنگ) جو انتظام  پيرُوءَ وٽ ناهي، بلڪه چين وٽ آهي. تنھنڪري پيرُوءَ جي ٽامي جي ذخيرن جي 33.33 سيڪڙو حصي تي چين جو قبضو آهي. دنيا جو 2 سيڪڙو ٽامو پيرُو (ملڪ) ۾ قائم ”لاس بمباس“ نالي هڪ ئي ڪمپني پيدا ڪندي آهي، پر مزي جي ڳالھه اها اهي ته اها ڪمپني آهي ته پيرُوءَ ۾ قائم، پر اها چيني ڪمپني آهي. اها ڪمپني وينزويلا جي سرحد جي بالڪل ويجهو آهي. ته ڀلي ئي ٽرمپَ وينزويلا تي قبضو ڪري اتان جي صدر ۽ ان جي زال کي اغوا ڪري ورتو آهي، پر وينزويلا، امريڪا جي آخري منزل ناهي. اها بس ڏکڻ امريڪا جي معدنيات جي حوالي سان شاھوڪار ’اسپيني سرزمين‘ يا ’اسپيني ويسٽ اينڊيز‘ خطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ داخلي دروازو (Gateway) آهي ۽ امريڪا جي هيءَ ويڙھه وينزويلا سان نه پر، اصل ۾ چين سان آهي.

هاڻي هرذهن ۾ اهو ئي سوال آهي ته ٽرمپ ايندڙ ڪجهه ڏينھن ۾ وينزويلا جي بساط تي اڳتي ڪھڙي ڪھڙي چال هلندو؟  ٽرمپ چيو آهي ته جيستائين اتي محفوظ طريقي سان اقتدار جي منتقلي نٿي ٿئي، امريڪا، وينزويلا جو خدائي فوجدار بڻجي پنھنجي خودساخته قبضي ۽ داداگيريءَ سان ملڪ کي هلائيندو ۽ اتان جو حڪومتي وهنوار سنڀاليندو، اتان جي تيل جي ذخيرن جي کوٽائي ڪرائيندو، جنھن سان تيل جي پيداوار ۽ وڪرو وڌائي پاڻ فائدو ماڻيندو. امڪان آهي ته ٽرمپ اتي ترت پنھنجي مرضيءَ جي سوشلسٽ مخالف حڪومت قائم ڪري. عين ممڪن آهي ته ان جي اڳواڻي ’ماريا ڪورينا ماچاڊو‘ يا وينزويلا جي نائب صدر ’ڊيلسي روڊريگيز‘ ڪري. ٽرمپ جي نيت آهي ته هو وينزويلا ۾ فوجي موجودگي برقرار رکندو ۽ ممڪن آهي ته ٽرمپ ترت نيُن چونڊن جو راڳ آلاپي، جنھن سان وينزويلا جي حڪومت ۾ مستقل تبديلي آڻي. جيڪڏھن ٽرمپَ، عالمي دٻاءَ کي خاطر ۾ نه آندو ۽ سندس اهي سمورا منصوبا جيئن جو تيئن ڪامياب ٿي ويس ته پڪ سان وينزويلا سميت پوري ترَ ۾ امريڪا جو اثر وڌندو، جنھن سان اتان جي سياست ۽ معيشت تي به ناڪاري اثر پوندا.

اصل سوال وينزويلا جي رهاڪن جي ردِعمل جو به آهي. ته اهي امريڪا جي ان مداخلت تي مذمتي مخالف روّيو اختيار ڪن ٿا يا انھن جي اڪثريت ان قبضي جي حمايت ٿي ڪري. اتان جا رهاڪو ئي هاڻي اهو فيصلو ڪندا ته کين آزاد حيثيت واري وينزويلا ۾ رھڻو آهي يا امريڪي ڪالونيءَ طور دنيا جي نقشي تي موجود وينزويلا ۾. جيڪڏھن انھن پنھنجي موجوده سوشلسٽ حڪومت جي حق ۾ مزاحمت ڪئي ته اها مزاحمت به جديد سياسي تاريخ جي يادگار مزاحمت هوندي. وينزويلا جي قسمت جو فيصلو وينزويلا جي ڌرتيءَ ــ ڌڻين جي هٿ ۾ ئي آهي.

اصل سوال وينزويلا جي رهاڪن جي ردِعمل جو به آهي. ته اهي امريڪا جي ان مداخلت تي مذمتي مخالف روّيو اختيار ڪن ٿا يا انھن جي اڪثريت ان قبضي جي حمايت ٿي ڪري. اتان جا رهاڪو ئي هاڻي اهو فيصلو ڪندا ته کين آزاد حيثيت واري وينزويلا ۾ رھڻو آهي يا امريڪي ڪالونيءَ طور دنيا جي نقشي تي موجود وينزويلا ۾. جيڪڏھن انھن پنھنجي موجوده سوشلسٽ حڪومت جي حق ۾ مزاحمت ڪئي ته اها مزاحمت به جديد سياسي تاريخ جي يادگار مزاحمت هوندي. وينزويلا جي قسمت جو فيصلو وينزويلا جي ڌرتيءَ ــ ڌڻين جي هٿ ۾ ئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.