پي ٽي آءِ اندر عليما خان خلاف بغاوت؟

اسلام آباد(حماد حسن)پي ٽي آءِ اندر عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان خلاف بغاوت پيدا ٿيڻ جي صورتحال ٿي وئي آهي، پارٽي اندر سخت لائين وارا ماڻهو اڳتي آندا ويا آهن،ڪيترن اڳواڻن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو پيو وڃي پشاور،اسلام آباد ۽ وچ پنجاب ۾ ڳجهن اجلاسن ۾  عليمه خان جي روَيّي جارحاڻي اندازپارٽي تي مڪمل گرفت تي سخت تنقيد ٿي آهي،راءِ ڏني وئي ته جيڪڏهن پارٽي عليمه خان وٽ رهي ته  مسئلا وڌندا ۽ مقبوليت گهٽجندي،هن وقت پي ٽي آءِ آڏو  ٽي رستا آهن،وزيراعظم پاران ڳالهين جي آڇ،رانا ثناءُالله جو “پنج وڏن” وارو فارمولوچوڌري نثار/فواد چوڌري جو “نيشنل ڊائلاگ” اهي سڀ  اشارا آهن،پي ٽي آءِ کي ڳالهين طرف وڃڻ گهرجي پرعليمه خان هر ڀيري رڪاوٽ بڻجي ٿي،پارٽي سنجيده اڳواڻن جو موقف آهي ته عمران خان سان کليل ڳالهه ڪئي ويندي،يا عليمه خان کي پاسيرو ڪيو وڃي يا پوءِ سياسي سفر ممڪن نه رهندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 05 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.