حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائش گاھ تي آمريڪا، برطانيا، جاپان، فلپائن ۽ ڪينيڊا کان آيل سنڌين جي وفد ملاقات ڪئي، وفد ۾ سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو، سنڌي ايسوسئيشن آف جاپان جو صدر ايوب مھر، لنڊن کان پروفيسر لال چند لوھاڻو، اوساڪا جاپان کان نثار مھر، ڪيناڊا کان ڊاڪٽر رئوف شيخ، منيلا فلپائين کان خادم حسين، ڪيناڊا کان ناصر جمال پٺاڻ، برطانيا کان شاد غلام علي، ڪيناڊا کان زاھد علي شاھ، فلپائين کان رباب مھر، جاپان کان محسن ايوب، اوساڪا کان ذوالفقار مھر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته دنيا ۾ پکڙيل سنڌي سنڌ جا سفير آھن. پنھنجي محنت ۽ ذھانت سان پاڻ مڃائي رھيا آھن. انھن ملڪن جي ترقي ۾ پنھنجو حصو شامل ڪري رھيا آھن. لطيف امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي، دنيا کي جنگين نه امن جي ضرورت آھي. جيڪڏھن پيپلز پارٽي حڪومت چاھي ته سنڌ دنيا جي ترقي سان گڏ بيٺل ھجي ھا، وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻائي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، اڌ سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آھي. وسيلا، زمينون، درياھ وڪرو ڪيا ويا آھن. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. عورتون، ٻار ۽ اقليتون محفوظ ناھن، نياڻيون اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري شاديون ڪيون وڃن ٿيون. حڪمرانن سنڌ کي انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين جو مثال بڻائي ڇڏيو آھي، ٻاھر رھندڙ سنڌي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي بھتري لاءِ ڪردار ادا ڪن، ٻاھرين ملڪن ۾ اسڪالرشپ ۽ نوڪرين جا موقعا حاصل ڪرڻ جا رستا ڏيکارين، سنڌ جا نوجوان محنتي ۽ ذھين آھن، ميرٽ ذريعي اڳتي وڌڻ چاھين ٿا، ھن وقت سنڌ بک، ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، منشيات، قبيلائي دھشتگردي ۾ گھيريل آهي.