تعليم ئي مضبوط رياست جي واحد ضمانت آهي\وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم بابت سندس حڪومت جي پڪي پھھ جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته تعليم ئي متوازن سماج ۽ مضبوط رياست جي واحد ضمانت آهي. ھن اھا ڳالھھ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سنڌ چيپٽر جي 2025ع واري ڪانووڪيشن ۾ خاص مھمان طور تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي، جيڪا بحريا آڊيٽوريم، ڪار ساز، ڪراچي ۾ منعقد ٿي. گريجوئيٽس، استادن ۽ والدين جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هي ڪانووڪيشن رڳو ڊگرين جي ورهاست نه پر صبر، محنت ۽ اميد سان ڀرپور هڪ ڊگهي فڪري سفر جو جشن آهي. وڏي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو تھ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو هڪ اهڙي تعليمي اداري جو تصور ڏنو جنهن وقت، فاصلي ۽ حالتن جون سڀئي رنڊڪون ٽوڙي ڇڏيون. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ان نظريي جي علامت آهي، جتي علم هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا عام ماڻهو تائين پهچي سماج جي تقدير بدلائي ٿي. اڄ اهو نظريو هڪ سگهارو وڻ بڻجي چڪو آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ لکين شاگردن کي ڇانوُ فراهم ڪري رهيو آهي. سيد مراد علي شاهه هڪ متاثر ڪندڙ تاريخي واقعو پڻ بيان ڪيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرين وزارتِ عظميٰ واري دور ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ مختصر مدتي ڪورس ۾ داخلا ورتي هئي. هن چيو ته اهو عمل ان ڳالهه جي علامت آهي ته قيادت جي اصل خوبصورتي سکڻ جي لڳاتار عمل ۾ لڪل هوندي آهي. گريجوئيٽس کي واڌايون ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندن ڊگريون ”ڪاميابيءَ جون رسيدون“ آهن، جيڪي سندن اندروني طاقت ۽ قربانين جو ثبوت آهن. هن شاگردن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي تعليم کي رڳو ذاتي فائدي جو ذريعو نه سمجهن، پر سماجي انصاف، رواداري ۽ انساني وقار جي واڌاري جي ذميواري طور اختيار ڪن. هن شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان کي پنهنجي علم کي سماج جي فڪري ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. سنڌ حڪومت تعليم کي رڳو هڪ انتظامي معاملو نٿي سمجهي، پر اسان ان کي قوم جي مستقبل جي ضمانت سمجهون ٿا. تقريب جي هڪ جذباتي حصي ۾ وڏي وزير والدين ڏانهن ڌيان ڏيندي چيو ته ٻارن جي سوڀ جي پويان والدين جون خاموش قربانيون شامل هونديون آهن، جيڪي اڪثر پنهنجي ضرورتن کي قربان ڪري ٻارن جي تعليم لاءِ خرچ پورا ڪندا آهن. هن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ۽ يونيورسٽي جي فيڪلٽي جي پڻ واکاڻ ڪئي، تقريب جي پڄاڻيءَ تي سڄي صوبي مان سوڀ ماڻيندڙ شاگردن ۾ گولڊ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.