اسلام آباد(اسد طور) اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن ماڻهن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي جي ڊي پي ۾ اوسر جون دعوائون رد ؟ حڪومت دعويٰ ڪري رهي هئي ته پهرين چار ماهي ۾ پاڪستان جي معيشت 3.7 سيڪڙو جي شرح سان وڌي آهي. پر هڪ آزاد ٿنڪ ٽينڪ، جنهن ۾ ٽي بزنس مين شامل آهن ۽ جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيا وڃن ٿا، انهن حڪومت جي انگن اکرن کي مڪمل طور تي رد ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهو حقيقت سان مطابقت نٿو رکي. اصل جي ڊي پي گروٿ ۽ جيڪي انگ اکر ڏيکاريا ويا آهن، انهن ۾ وڏو فرق آهي.انهن آزاد تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ معيشت بيٺل آهي. خاص طور تي پاڪستان جي خوراڪ ٺاهڻ واري ڪارخانن جي پيداوار ۾ گھٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ڪل برآمد ۾ 25.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.ملڪ کي خوراڪ جي ضرورت لاءِ 18.8 سيڪڙو وڌيڪ درآمد ڪرڻي پئي.صنعتي پيداوار جي دعويٰ به حقيقي طور تي صحيح نه آهي، جهڙوڪ ٽيڪسٽائل ۽ گاڏين جي شعبن ۾ پيداوار جي انگن اکرن ۾ تضاد آهي.بجلي جا مهانگا اگهه چاري جي گهٽتائي باوجود لائيو اسٽاڪ جي وڌاءَ جون دعوائون پڻ حقيقت سان مطابقت نٿيون رکن.سرڪاري انگن اکرن ۽ رپورٽن مطابق معاشي واڌ جي دعوائون صرف ڪاغذن تي آهن، حقيقي زندگي ۾ عوام کي وڌيڪ مهانگائي ۽ گھٽ پيداوار جو منهن ڏيڻو پوي رهيو آهي.سرڪاري شماريات موجب هر پاڪستاني جي خوراڪ جو معيار گهٽجي ويو آهي جيئن ته گوشت، مٽن، بيف، چڪن ۽ انڊن جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. 2018–19 کان پوءِ غربت جي شرح وڌي آهي، ۽ ماڻهن کي بنيادي خوراڪ تائين پهچ محدود ٿي وئي آهي.ان کان علاوه، ڪجهه رپورٽن موجب اقتصادي فيصلا هاڻي هڪ طاقتور ٽاسڪ فورس ذريعي ڪنٽرول ڪيا ويندا، جنهن جي سربراهي ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير ڪندا. مقصد اهو آهي ته اقتصادي پاليسين ۽ فيصلن تي سڌو ڪنٽرول حاصل ڪيو وڃي، جيئن حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي کي بهتر نموني سنڀاليو وڃي،ٻئي پاسي حڪومت جي 2024-25 جي سالياني گهريلو معاشي سروي جا نتيجا خوفناڪ آهن،گذريل سال ڪڻڪ جي استعمال ۾ 20 سالن جي سڀ کان وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي،دالين ۽ گوشت جي کپت به 20 سالن جي گهٽ سطح تي پهچي وئي،کير جو استعمال به 20 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو.