ميهڙ / فريدآباد (پ ر) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت خلاف عوامي تحريڪ طرفان فريدآباد ۾ احتجاجي مظاهرو، شهر واسي واپارين ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، چور، ڌاڙيل، ڦورو ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي گرفتار ڪري امن امان بحال ڪرڻ جو مطالبو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمن مهيسر، عوامي تحريڪ تعلقه ميھڙ جي صدر وڪيل داد محمد مگسي، نائب صدر گلزار چانڊيو، وڪيل شبير احمد کوسو، عبدالرحمان چانڊيو، محمد رحيم چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پوليس چورن ۽ ڦورن جي سرپرستي ڪري رهيون آهن، ڦورو ڏينهن ڏٺي جو سرعام شهرين کي ڦري وڃن ٿا، پر پوليس ڦورن کي پڪڙڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نام نهاد چونڊيل نمائندہ شهر جي امن امان لاءِ اسيمبلين ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائنده به ڦورن ۽ چورن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فريدآباد مان ڦرون ڌاڙا واپس ڪرائي فريدآباد ۾ امن امان ڪرايو وڃي ۽ نا اهل ايس ايڇ کي هٽايو وڃي. ميهڙ ۽ فريدآباد ۾ ته پوليس ڦورن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، پوليس ۽ ضلعي جي انتظاميا چور ۽ ڦورو پاليا آهن، جيڪي شهرين کي ڦرين ٿا، ڦرن ۽ چورين جي وڌندڙ وارداتن باوجود پوليس ڦورو پڪڙڻ لاءِ تيار ناهي، اڳواڻن چيو ته آئين موجب عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، تنهنڪري پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ امن ڪرائي يا استيفعي ڏئي.