نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ترجمان وينزويلا ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته هي عمل خطي تي خراب اثرات ڇڏيندڙٿي سگهي ٿو ۽ خطرناڪ مثال قائم ڪري ٿو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس بار بار زور ڏئي ٿو ته گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانون جو احترام سڀني ملڪن کي لازمي ڪرڻ گهرجي، ۽ هن ڪارروائي ۾ عالمي قانون جي اصولن جو احترام نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. ترجمان چيو ته وينزويلا کي انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڪندي جامع ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته ڪولمبيا روس ۽ چين جي حمايت سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.
-
خودمختيار ملڪ تي حملو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: ظهران ممداني
نيو يارڪ (م ڊ) نيويارڪ سٽي جي ميئر ظهران ممداني آمريڪي ڪارروائي تي سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن تحت وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو ۽ سندس زال کي حراست ۾ آندو ويو. ميئر ممداني سوشل ميڊيا تي لکيو ته هڪ طرفي طور ڪنهن خودمختار ملڪ تي حملو جنگي قدم آهي ۽ وفاقي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ريجم چينج جي هن ڪوشش جو اثر رڳو ٻاهرين ملڪ وارن تي نه پر نيويارڪ ۾ رهندڙ هزارين وينزويلين شهرين تي به پوي ٿو، جيڪي هن شهر کي پنهنجو گهر سمجهن ٿا. ميئر چيو ته سندس ترجيح مادورو ۽ سندس زال جي حفاظت سان گڏ نيويارڪ جي هر شهرين جي سلامتي آهي ۽ انتظاميه صورتحال تي نظر رکي هر ضروري هدايت جاري ڪندي. ياد رهي ته زهران ممداني هڪم جنوري 2026 تي عهدي تي فوري حلف برداري ڪندڙ پهريون مسلمان ميئر بڻيا.