ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊي فنس فيز 8 ۾ تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر سبب 15 ورهين جو ٻار فوت ٿي ويو. حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار گاڏي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، واقعي جي اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس موقعي تي پهچي ويون ۽ فوت ٿيل ٻار جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ فوتي جي سڃاڻپ 15 ورهين جي ڪامل ولد ڪليم الله طور ڪئي وئي، پوليس موجب واقعي بابت جاچ جاري آهي، جڏهن ته حادثي کان پوءِ فرار ٿي ويندڙ ڊرائيور جي ڳولا لاءِ به ڪارروائي جاري آهي.