پيرو لاشاري ۾ بااثر هٿان پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل

پيرو لاشاري /تلهار (نمائندا) پيرولاشاري ۾ زرعي زمين تي جهڳي ٺاھڻ تان ھاري ڪيلاش پٽ چيتن ڪولھي گوليون ھڻي قتل، وارث لاش رورل ھيلٿ سينٽر تلھار تي کڻائي پھتا جتي وارثن پاران جوابدار سرفراز نظاماڻي جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيوويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو  ويو ته پيرو لاشاري ۾ ظالم بااثر زمين تي جهڳي ٺاهيندڙ نوجوان ڪيلاش ڪولهي کي معمولي ڳالهه تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ مقتول ڪيلاش جي زميندار اعجاز علي نظاماڻي، مقتول ڪيلاش جي والد چيتن ۽ سندس ڀاءُ پون صحافين آڏو واقعي بابت ٻڌايو ته سرفراز نظاماڻي نشي ۾ ڌت رھي ٿو، روز مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھندو ھو، اڄ زرعي زمين تي ڪيلاش پنھنجي ڪم سان جهڳي ٺاھي رھيو ھو جنھن تان سرفراز نظاماڻي روڪيو ۽ پسٽل جو سدا فائر ڪري ڪيلاش کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ جي آواز تي ڀرپاسي مان امداد شاھ ۽ ٻيا بروقت پھتا، مقتول جي ڀاءُ پون ٻڌايو ته سرفراز مونکي به گولي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر گولي پسٽل ۾ ڦاسي پئي جڏھن ته ڪيلاش کي ٻه گوليون سيني ۾ فائر ڪري سرفراز نظاماڻي فرار ٿي ويو، اسان لاش کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر پھتا آھيون جڏھن ته پوليس اسٽيشن مان ليٽر ملڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪرائينداسين ڪيلاش قتل واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي تلھار ۽ ايس ايڇ او تلھار رياض سومرو واقعي واري سرزمين جو جائزو وٺي رورل ھيلٿ سينٽر پھتا جتي وارثن سان ڏک  ونڊيندي قانوني سھڪار جي ڀرپور خاطري ڪرائي وئي، ٻئي پاسي نوجوان بااثر پاران هاري ڪيلاش کي قتل ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، بااثر جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن، غريب جو ڪير به ناهي، بيگناهه ظالم بااثر نشي ۾ ڌت ٿي ڪولهي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، سنڌ سرڪار معاملي جو نوٽيس وٺي، جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.