” قيدي 804 “بابت گانو ڳائڻ تي گلوڪار مٿان ڪيس

لاهور (بيورو) لاهور ۾ سرڪاري سرپرستي هيٺ منعقد ڪيل ميوزڪ اينڊ ڪلچرل نائٽ پروگرام دوران اڊيالا جيل جي قيدي804 سان منسوب گانو ڳائڻ تي قوال فراز خان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، پوليس موجب ڪيس شاليمار باغ جي انچارج ضمير جي مدعيت ۾ ٿاڻي شاليمار ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ تعزيرات پاڪستان جون مختلف  شقون شامل ڪيون ويون، والڊ سٽي اٿارٽي جي اهتمام هيٺ شاليمار باغ ۾ ٿيل تقريب ۾ قوال فراز خان پنهنجي همنوائن سان گڏ قوالي پيش ڪئي. پروگرام دوران قيدي 804 سان منسوب گانو ڳائڻ بعد پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو، قوال فراز خان جو چوڻ آهي ته هن شرڪت ڪندڙن جي فرمائش تي گانو ڳايو هو، ان باوجود مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو،شاليمار باغ ۾ ٿيل هي پروگرام عام ماڻهن لاءِ کليل هو. واقعي کان پوءِ ثقافتي تقريبن جي ضابطن ۽ اظهارِ فن بابت نئين بحث جنم ورتو، پوليس موجب معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ قانون موجب ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ٻئي پاسي شاليمار باغ ۾ تقريب دوران غير منظور ٿيل گيت هلڻ تي سخت ڪارروائي، ٽي ملازم معطل ٿي ويا، لاهور جي شاليمار باغ ۾ والڊ سٽي اٿارٽي جي اهتمام هيٺ جاري هڪ سرڪاري پروگرام دوران مشهور گيت ”نڪ دا ڪوڪا“ هلڻ تي انتظاميه سخت قدم کڻندي ٽن ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو، والڊ سٽي اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ميڊيا اينڊ مارڪيٽنگ تانيه قريشي ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ته گيت منظور ٿيل فهرست جو حصو نه هو، تنهنڪري قدم کڻڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.