ڏهرڪي/ ريتي (نمائندن وٽان) ريتي ڀرسان پيءُ کي بچائيندي نوجوان ناري قتل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ ڄامعارب کنڀڙو ڀرسان نرلي مائينر جي ڪپ تي اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر محمد ايوب کنڀڙو کي بچائيندي 16 سالن جي ناري فاطمه کنڀڙو قتل ٿي وئي، ڌيءَ جي قتل بعد والد صدمي ۾ هوش وڃائي ويٺو، مقتول ناري جي امڙ پڻ بيهوش ٿي وئي، فائرنگ واقعي ۾ مقتول ناري جو والد ڊاڪٽر محمد ايوب کنڀڙو زخمي ٿي پيو، پوليس ذريعن موجب واقعي ٿيو آهي، ڪارڻ بابت وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ناري جي چاچي الطاف کنڀڙو ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ ايوب کنڀڙو منھنجي گھر کان پنھنجي نياڻي فاطمه سان گڏ پنھنجي گھر وڃي رھيو ته ٻاھر بيٺل نرلي مائينر جي ڪپ تي اڻڄاتل ماڻھن فائرنگ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان ڀائٽي فاطمه قتل ٿي وئي، ظالمن ظلم ڪيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي نوجوان ناري جي قتل بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته بهادر نياڻي والد کي بچائيندي حياتي وڃائي ويٺي، سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس ڪي به قدم نه پئي کڻي، جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.