پنهنجي ڌرتي ڇڏي آيل مهاجرن کي سنڌ جي ثقافت سان واسطو رکڻ گهرجي:ڊاڪٽر توصيف احمد

ڪراچي (رپورٽر) اسلام آباد جي صحافي ۽ ليکڪا ڊاڪٽر سعديه ڪمال جي ڪتاب ” تريمت ڪٿا ” جي مهورت ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي سهڪار سان ڪلب ۾ ٿي گذري، ان موقعي تي نامور ليکڪ ۽ انساني حقن جي سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته مهاجر ثقافت جو وجود نه آهي، ثقافت جو واسطو ڌرتيءَ سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ مهاجر پنهنجي ڌرتي ڇڏي آيا آهن، کين هتان جي ثقافت سان واسطو رکڻ گهرجي، ڊاڪٽر سعديه ڪمال جو واسطو پوئتي رکيل وسيب سرائيڪي سان آهي ۽ سرائڪي ٻولي ۾ ڪجهه عورتن جو مختصر تعداد ادب لکي رهيون آهن، جيڪا ڳالهه خوش آئندہ آهي هن چيو ته اڄ جڏهن اخبار پڙهڻ جو رجحان گهٽجي رهيو آهي تڏهن ڪو ڪتاب ڇپجي اچي ٿو ته اسان کي اهو پيغام ملي ٿو ته سماج ۾ مزاحمت موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته سعديه ڪمال پنهنجي ڪتاب ۾ سرائيڪي زبان کان سواء ملڪ جي ٻين قومي ٻولين جي عورتن جي افسانن تي به تحقيق ڪري هي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو وڏو ڪارنامو آهي، ڪنهن زماني ۾ عورتون ٻين گمنام نالن سان ادب لکنديون هيون، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، ڪتاب جي ليکڪا ۽ صحافي ڊاڪٽر سعديه ڪمال چيو ته هن کي ننڍپڻ کان ئي وٺي عورت زاد جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جنهن کي گهر جي حڪمران ڏاڏيءَ جي پراڻين عورت مخالف ڳالهين ۽ بعد ۾ ان جي ئي سهڪار ڪري کيس پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۽ آزاد رهڻ جو رستو مليو، هن چيو ته اها سندس خوشنصيبي آهي ته هن وسيب جي ڌرتيءَ تي ڪتاب لکيو ۽ ڪتاب جي مهورت شاھ لطيف جي ڌرتيءَ جي شهر ڪراچي ۾ ٿي، هن وڌيڪ چيو ته سندس هي ڪتاب هڪ داستان آهي ۽ هر عورت مظلوم نه هوندي آهي ۽ هر مرد ظالم نه هوندو آهي، ڪيترائي مرد عورت جي آزاديءَ جو رستو کولي ڏيندا آهن ۽ مان کي به پنهنجن ڀائرن ساٿ ڏنو، نامور صحافي ۽ ليکڪ قاضي آصف چيو ته پنجابي ٻوليءَ ۾ تعليم نه ملڻ ڪري پاڪستان واري پنجاب ۾ عورتن جو ادب گهڻو لکجي نه سگهيو آهي ۽ ڊاڪٽر سعديه ڪمال جو واسطو ڏکڻ پنجاب سان هئڻ ڪري تحقيق ۽ محنت سان ادب تخليق ڪيو آهي، هن ان ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌ سميت ٻين علائقن جو به دورو ڪيو ۽ تحقيق ڪئي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا چيو ته ڪتاب لکڻ آسان ڪم نه آهي ۽ عورتن کي برابري ڏيڻ اڃان به مشڪل ڪم آهي، ڊاڪٽر سعديه ڪمال جو ڪتاب عورتن جي ادب ۾ حصي وٺڻ ۽ مردن عورت جي برابري واري جدوجهد جو حصو آهي، ان موقعي تي فهميده يوسفي ،عثمان جامي، تسليم ،محمود صابر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر سعديه ڪمال هن ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌي، بلوچي، پختون ادب ۽ معاشري جو به مطالعو ڪيو آهي، سندس ڪتاب جي ڪٿا جي پي ايڇ ڊي واري ڊگري سندس زندگيءَ جو اساسو آهي، پروگرام ۾ ڊاڪٽر سعديه ڪمال کي صحافي اختر شاهين رند ،صائمہ قادري ۽ ٻين گلن جا هار پاريان ۽ گلدستا پيش ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.